اربعين للنووي جو سنڌي ترجمو
ڊاڪٽرابومحمود
السلام عليڪم ورحمة الله وبركاته
اڄ کان اسان امام نووي جي جڳ مشهور ڪتاب اربعين جو ترجمو ۽ تشريح شروع ڪري رهيا آھيون. روزانو هڪ حديث جو ترجمو ۽ تشريح پيش ڪئي ويندي. الله سائين کان دعا آهي ته اسان جي ھن عمل کي اسان جي لاء آخرت ۾ نجات جو ذريعو بڻائي ۽ نبي سائين جن جي تعليمات تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين يارب العالمين.
حديث نمبر هڪ:
ترجمو:
عملن جو دارومدار نيتن تي آهي:
حضرت عمر فاروق رضي الله تعالى عنه جن فرمائن ٿا ته مون نبي صلي الله عليه وسلم جن کي فرمائيندي ٻڌو ته: عملن جو دارومدار نيتن تي آهي ۽ ھر انسان کي اھو ئي حاصل ٿيندو جنهن جي هو نيت ڪندو مثال طور جنهن الله ۽ سندس رسول خاطر هجرت ڪئي ته کيس اهڙو ئي ثواب ملندو پر هجرت جهڙو سٺو عمل دنيا جي حاصلات خاطر يا ڪنهن عورت سان نڪاح ڪرڻ جي خاطر ڪيائين ته اھا هجرت دنيا ۽ عورت خاطر ليکي ويندي(نه ڪي الله خاطر).
سمجهاڻي:
ھن حديث ۾ نيتن کي خالص رکڻ جو حڪم آهي يعني نيڪي جا ڪم الله جي خاطر ڪرڻ جي نيت سان ڪرڻ کپن ته ان صورت ۾ ئي اهي نيڪي جا ڪم سڏبا ۽ انهن جو ثواب حاصل ٿيندو پر جيڪڏهن بظاهر نيڪي واري ڪم جي پٺيان نيت ڏيکاء جي هوندي ته اھو عمل الٽو وبال بڻجي ويندو جيئن هجرت جو مثال ڏنو ويو آهي ته هجرت ھڪ بھترين عمل آهي پر ڏسبو ته ان جي پٺيان مقصد ۽ نيت ڇا آهي جيڪڏهن ته ڪنهن ديني مقصد لاء آهي ته اها الله جي خاطر سمجهي ويندي ۽ ان جو ثواب حاصل ٿيندو پر جيڪڏهن ان جي پٺيان خالصتا ڪو دنياوي مقصد هوندو ته ان هجرت جي حيثيت نيڪي واري نه رهندي. ٻين لفظن ۾ کڻي هينء چئجي ته هر عمل ڪرڻ کان پهرين الله جي منشا ۽ مرضي کي سامهون رکجي. الله سائين عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.
