دينيات

خلاصہ قرآن-ٻيو سيپارو- سيقول

ھي سيپارو سوره بقره جي آيت نمبر142  کان وٺي آيت نمبر 252 تائين مشتمل آهي.

Eهن جي شروعات ۾ ئي تحويل قبله واري واقعي جو ذڪر آهي جنهن جو تفصيل هن ريت آهي: مڪي ۾ نبي صلي الله عليه وسلم ۽ مسلمان نماز ڪعبي ڏانهن رخ ڪري پڙھندا ھئا، پاڻ جڏهن مديني ھجرت ڪري آيا ته کين حڪم ٿيو ته نماز دوران بيت المقدس ڏانهن رخ ڪن. اھا ڪيفيت 16، 17 مھينا جاري رھي جنهن کان پوءِ کين وري حڪم ٿيو ته واپس ڪعبي ڏانهن رخ ڪن (جلالين). جنهن تي يھودين اعتراض ڪيو ۽ مسلمانن تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا ته ھنن ڄٽن کي ڏسو جو اصل قبلو (يعني بيت المقدس) ڇڏي ٻي پاسي رخ ڪن ٿا (شايد اتان ئي مسلمانن ۾ اھو تصور پيدا ٿيو ته بيت المقدس قبله اول آھي جڏھن ته الله سائين سوره آل عمران آيت نمبر 96  ۾ واضح ٻڌايو آهي ته “سڀ کان پھريون گهر جيڪو انسانن جي (عبادت) لاءِ بڻايو ويو اھو ساڳيو آھي جيڪو مڪي ۾ آهي”، جڏهن ته بيت المقدس کي حضرت سليمان عليه السلام ھزار ھا سال پوءِ تعمير ڪيو). جنهن تي الله سائين فرمايو ته مشرق و مغرب الله جا آهن، سندس مرضي جھڙي پاسي رخ ڪرڻ جو حڪم ڏئي، ۽ قبلي جي تبديلي مان مقصد اهو هو ته اھا خبر پئي ته ڪير الله جي حڪم کي مڃي ٿو ۽ ڪير ان مان وڏون ٿو ڪڍي؟

ھن سڄي قصي مان مقصد اهو سمجھائڻ آهي ته جڏهن الله جو حڪم اچي وڃي ته پوءِ ڇو ۽ ڇا لاءِ جو سوال نه ڪبو آهي، بلڪه فورن تعميل ۾ لڳي وڃبو آهي. Eاڳتي الله سائين صبر ۽ نماز ذريعي مدد وٺڻ جي تلقين ڪئي آهي، الله جي راھ ۾ شھيد ٿيندڙ کي زنده سڏيو آهي ۽ مصيبتن ۾ صبر ڪرڻ وارن لاءِ رحمتن ۽ برڪتن جي خوشخبري ٻڌائي وئي آهي.

E صفا ۽ مروه ٽڪرين (ڇپن) کي الله جي نشاني ٻڌايو ويو آهي. الله جي وجود جون نشانيون بيان ڪيون ويون آهن.

Eاھو ٻڌايو ويو آهي ته ماڻهن الله کي ڇڏي جيڪي ٻيا معبود بڻايا آهن اهي قيامت جي ڏينهن سندن عبادتن جو انڪار ڪندا. حق حلال کائڻ جي تلقين ڪئي وئي آهي، مؤمنن جون صفتون بيان ڪيون ويون آهن ته اھي الله، آخرت، ملائڪن، ڪتابن ۽ نبين تي ايمان رکندڙ، مائٽن، يتيمن، مسڪينن، مسافرن، سائلن ۽ ٻانهن تي مال خرچ ڪندڙ، نماز قائم ڪندڙ، زڪوات ڏيندڙ، وعدا نڀائيندڙ ۽ تڪليف وقت صبر ڪندڙ ھوندا آھن.

Eقصاص جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته قصاص قائم ڪرڻ ۾ حياتيء جي بقا آهي.

E روزي جي فرضيت ۽ ان سان متعلق احڪام جو ذڪر ڪيو ويو آهي.

Eآيت نمبر 188 ۾ معاشري جي هڪ وڏي بيماري يعني ماڻهن جا مال ناجائز طريقن سان هڙپ ڪرڻ ۽ حڪام بالا کي رشوتون پيش ڪري پرايون ملڪيتون پنهنجي نالي ڪرائڻ کان منع ڪيو ويو آهي.

Eجنگ جا ڪجھ اصول بيان ڪيا ويا آهن.

Eان کان پوءِ حج جا احڪام تفصيل سان بيان ڪيا ويا آهن ۽ حج متعلق ان وقت جي ماڻهن ۾ مروج ڪجھ غلط تصورات جو ازالو ڪيو ويو آهي.

Eاسلام ۾ پوري جو پورو داخل ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

Eانفاق في سبيل الله جا طريقا ٻڌايا ويا آهن.

Eشراب ۽ جوئا متعلق ٻڌايو ويو آهي ته توڻي جو ماڻهن لاءِ انهن ۾ فائدا آهن پر انهن جي فائدن کان وڌيڪ انھن جا نقصان آهن.

Eاھو ٻڌايو ويو آهي ته نڪاح ۾ ايمان کي ترجيح ڏيو نه ڪه سونهن کي. عورتن جي ماھواري متعلق مختصر حڪمن جو ذڪر آهي. جنهن کان پوءِ نڪاح، طلاق ۽ عدت جا حڪم تفصيل سان بيان ڪيا ويا آهن (آيت نمبر226 کان 242) وچ ۾ نمازن جي پابندي جي تاڪيد سان گڏ خوف جي حالت ۾ نمازون پڙهڻ جو طريقو ٻڌايو ويو آهي.

Eآخر ۾ وري بني اسرائيل جو ذڪر آهي ته اھي ڪيئن نبين سان حجتون ڪندا هئا، مٿن اعتراض ڪندا هئا ۽ الله جي حڪمن کي مڃڻ ۾ ليت و لعل کان ڪم وٺندا هئا.

Eآخري آيت ۾ الله سائين نبي سائين جن سان مخاطب ٿي فرمائي ٿو ته اھي اسان جون آيتون آهن جيڪي اسان توهان جي مٿان حق سان تلاوت ڪيون ٿا ۽ تون يقينن رسولن منجهان آھين .

ملندڙ جلندڙ مضمون

Back to top button