سماجيات

مولانا غلام سرور ڀٽو- ھڪ شفيق استاد ۽ بهترين مربي

نظام الدين ڪاڪا

هو جنهن جي ڳالهين ۾ علم، ادب، مذهب اسلام ۽ سماجي سڌارن کان سواء ٻي ڳالهه ئي نہ هئي اهو ماڻهون جيڪو سنڌي ٽوپي ۾ پويل ٽڪن جي روشن حسناڪي ۾ به هو تہ موئن جي دڙي جي ڀرسان لاڙڪاڻي جي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ضلعي جو ۽ ذات ساڳي رکندڙ به هو جنهن جي سوچ جو سواد ۽ لوچ جي خوشبو سڄي سنڌ کي واسي ڇڏيندي هئي. اهو ملائڪ صفت انسان جنهن هالا تعلقي جي منصوره ڳوٺ ۾ پنهنجا ڪکاوان گهر ٺاهي تعليم جون ڏياٽيون ٻارڻ شروع ڪيائين تہ پنهنجي ٻارنهن پٽن ۽ ٻن نياڻين کان علاوه ڪيترائي يتيم پالي ۽ پڙهائي ورتائين. سندس تربيت ۾ مولانا عبدالڪريم قريشي جي ديس جي دلبريء جي سُتي بہ شامل هئي تہ مولانا منور حسن ۽ مولانا وصي مظهر ندوي جي گفتگو جو رنگ به شامل هو. سو سائين غلام سرور ڀٽو منهنجي لاءِ هڪڙو اهڙو منفرد ماڻهون هو جنهن سان منهنجي والد بابا خير محمد ڪاڪا جي دوستي جو مظبوط هٿ، هٿ ۾ پڪڙيل هو ۽ ان ڪري سائين کي مون ويجهي کان ڏسي پنهنجي اعتبار کي پختو ڪيو تہ عقل، منطق، دليل ۽ بحث ثانوي سطح جي (phenomenon) آهي، جڏهن تہ هن سان ملي مون ڄاتو هو تہ عشق جو ايمان نہ آهي ۽ انهن جي عقل جا سڀ سرٽيفيڪيٽ ڪوڙا هوندا آهن. سائين غلام سرور ڀٽو پنهنجي ذات ۾ هڪ محفل، هڪ ميلو ھو. هو هڪ شفيق پيءُ هئڻ سان گڏ هڪڙو بهترين عالم، اڪابر، بهادر هو. پنهنجي ڪيترن دوستن ۽ ساٿين کي دوست رکي انيڪ حادثن جو مقابلو ڪري پنهنجي چپن جي مرڪ ڪنهن فاتح سپھ سالار وانگر رکندو هو جنهن جي سيني ۾ سوين ستارن جهڙا قصا پيا جرڪندا هئا ۽ هو اهو بہ ڄاڻيندو هو تہ قصو لازوال هوندو آهي، قصو ڪڏهن بہ ختم نہ ٿيندو آهي، قصو سدائين قائم دائم رهندو آهي ان ڪري هو ڏکن کي ڏيھ نيڪالي ڏئي مرڪون پکيڙي ماحول ۾ سدائين سرهاڻ ڀري ڇڏيندو رهيو. اڄ جڏهن هن تصوير ۾ سائين غلام سرور ڀٽو کي قاضي حسين احمد سان هٿ ملائيندي ڏٺم تہ سائين جون يادگيريون اوهيرا ڪري منهنجي ذهن جي اسڪرين تي اچڻ لڳيون.

آخر ۾ سائين مرحوم جي شان ۾ اسان جي پياري دوست مرحوم ڊاڪٽر عبدالجبار عابدؔ لغاري صاحب جا چيل اشعار:

مومن جِي وصف ھر ڪا سھڻي نظر ٿَي آئي

ھر شخص وصف اُن جِي پر پُٺ رُڳو پئَي ڳائي

منھنجو شفيق رھبر سرور سندَو غلام ھو

استاد بي مثل ھو سڀ سان عمر نڀائي

نالي جو اُن تي ايڏو سھڻو اثر ھيو جو

ھردم حديث اُن جَي لبَ تي نظر ٿَي آئي

قرآن اُن جَي دل تي غالب رھيو ھميشہ

مشھور ھر ڪا آيت تمثيل ۾ لڳائي

اللّٰه قرب پنھنجَي ۾ آڻي ڇڏيو ھو جنھن کي

ھر وقت ذڪر اُن وٽ اسلام جو ھو جائي

بُوذَر رھيو ھي اڄ جو ۽ وقت جو قلندر

ان جَي اندر ۾ اُلفت اللّٰه جا لڳائي

مھمانداري ھن جِي ھر ڪنھن کي ياد رھندي

بيشڪ رزق خدا جو پر دل سندس ھُئي شاھي

اولاد ڀي ڪشادو تعليم تن جي جوڳي

عالم ھجي ڪو ڪھڙو تن ۾ سندس سرھائي

اللّٰه جي رضا تي ھر دم رھيو ٿي راضي

اللّٰه کان ھو راضي اللّٰه تن کان راضي

ھُو قول جو کَرَو ھو وعدي سندَو پڪو ھو

ڪئي وقف زندگي جنھن، قائم رھي سچائي

سارو ڪُٽُنبُ مذھب جو پيروڪار آھي عابدؔ

اسلام جو آھي ڪو بي حد شيدائي

ملندڙ جلندڙ مضمون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button