سماجيات

مولانا شفيع محمد نظاماڻي-هڪ تاريخ ساز شخصيت

مولانا شفيع محمد نظاماڻي-هڪ تاريخ ساز شخصيت

عطاء الله ڀٽو

مولوي شفیع محمد ولد مير محمد نظاماڻي ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي تعلقي ھالا ضلعي حيدرآباد جي ھڪ سخي ۽ ديندار گھراڻي ۾ 1894 ۾جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ بعد پنهنجي ڀاء فقير محمد ساڻ گڏ دارالعلوم ديوبند ۾ ٻن سالن تائين تعليم حاصل ڪيائون ان بعد لاهور ۾ مولانا احمد علي لاهوري کا تفسير قرآن جي سند حاصل ڪيائون ان بعد پير جھنڊي ۾ مولانا عبيد الله سنڌي رح جي صحبت ۾ رھيا مولانا سنڌي جوتعليم بابت نظريو ھیو ته ديني تعليم سان گڏوگڏ دنياوي تعلیم به ھئڻ گھرجي مولانا سنڌي جي ان فڪر کي اجاگر ڪرڻ لاء سڀ کان پهرين مخدوم غلام حيدر جن ھالا ۾ ” مخدوم غلام مدرسہ ھاء اسڪول ھالا” جو بنياد وڌو جنهن جو پھريون ھيڊماسٽر غلام رضا ڀٽو مقرر ٿيو. اھڙي طرح مولوي شفیع محمد نظاماڻي به پڻ ھالا تعلقي جي ڳوٺ “ڏيپر ” ۾ 1952 ۾ دارالعلوم جو بنياد وڌو جنھن جو پھريون ھيڊ ماستر مولانا غلام سرور ڀٽو مقرر ٿيو. اھو چئي سگهجي ٿو ته ھالا تعلقي ۾ تعليم بابت نئين طرز جي شروعات ڪرڻ ۾ ڀٽو خاندان جون اھم خدمتون آهن.1944 ۾ مولوي صاحب جن ڏيپرن جي ڳوٺ ۾ عاليشان جامع مسجد جوڙيائون جيڪا ا ڄ تائين قائم آھي 

ان زماني جو جهونو شاگرد واحد بخش لاکو ٻڌائي ٿو

 “ته مسجد جي تعمير دوران ٽئين درجي ۾ پڙهندو ھئس مسجد جي تعمير لاء شاگردن کان ھلڪو ڪم وتو ويندو ھئو جنھن لاء مولوي صاحب باقاعدہ مزدوري ادا ڪندو ھئو . ان زماني ۾ پرائمري اسڪول بورڊنگ ھائوس سميت ھئو جنھن ۾ امين لاکي جا ناميارا استاد سيد صالح محمد شاه ۽ سيد قادربخش شاه جن استاد ھئا .1952 ۾ اسڪول اپ گريڊ ٿيڻ وقت سائين غلام سرور ڀٽو لاڙڪاڻي مان لڏي اچي ھيڊماسٽر مقرر ٿيو. “

1953۾ مولوي شفیع محمد نظاماڻي صاحب پنهنجي 300 ايڪڙ زرعي زمين ادارہ کي وقف ڪئي جنهن تحت پھريون دارالعلوم بعد ۾ ھاء اسڪول ٿيو 1959 ۾ اھو تعليم گاھ شاولي ﷲ اوريئنٽل ڪاليج منصورہ بڻيو جنھن جي عمارت مولوي صاحب پنھنجي ذاتي زمين کپائي تعمير ڪرائي. پروفيسر سيد محمد سليم پرنسپل مقرر ٿيو مولانا سيد وصي مظھر ندوي وائس پرنسپل ٿيو ۽ ان وقت جي نالي وارن عالمن کي استاد مقرر ڪيو ويو .شاه ولي ﷲ ڪاليج ۾ شاگردن کي مولوي فاضل ساڻ گڏ گريجوئيشن ڪرائي ويندي ھئي ان ڪاليج تمام گھڻي ناماچاري حاصل ڪئي ڏيھ توڙي پرڏيھ مان شاگرد علم پرائڻ لاء ايندا ھئا 1973 ۾ نیشنلائیزیشن کا پوء ھي ادارو جامعہ منصورہ جي نالي سان قائم و دائم آھي ھن وقت تائين ھزارين شاگرد ديني تعليم سان گڏوگڏ دنياوي تعلیم حاصل ڪري چڪا آهن . 1968 ۾ حفظ قرآن جو مڪتب دارلقرآن نالي سان قائم ڪيائون جنھن جو افتتاح مولانا غلام سرور ڀٽو جي ٻن فرزندن عطاءاللہ ڀٽو ۽ حمادﷲ ڀٽو کي بسم الله پڙھائي ڪيائون

مولوي شفیع محمد مرحوم جن 1919 کان 1923 تائين تحريڪ خلافت جا اھم ۽ سرگرم ڪارڪن رھيا.ان بعد علامه مشرقي جي خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيا جنھن ۾ تمام اھم ڪردار ادا ڪيائون ۽ علامه عنايت الله مشرقي جي ويجھن ساٿين منجهان ليکيا ويندا ھئا. خاڪسار تحريڪ جي ختم ٿيڻ بعد علامه مشرقي جي صلاح سان جماعت اسلامي ۾ شامل ٿيا آخر تائين ان ۾ رھيا

مولوي صاحب جن ڊگهي عرصي تائين ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جا ميمبر پڻ رهيا جنھن دوران ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ اسڪول ڪچا رستا ۽ کوھ تعمير ڪرايائون. منصورہ ۾ نياڻين جي تعليم لاء اسڪول شفاخانو ۽ منصورہ بستي پڻ قائم ڪيائون

ھي سخي ۽ نيڪ مرد 12 اپريل 1970 ۾ وفات ڪري ويو سندس وصيت مطابق منصورہ ۾ سندس وقف ڪيل زمين ۾ دفن ڪيو ويو. ﷲ پاڪ سندس مغفرت فرمائي ۽ چڱائيء وارا عمل قبول فرمائي

ياد رھي ته مولوي صاحب جن جي ڀاء مولوي فقير محمد پنهنجي زرعي زمين دارالعلوم ٺيڙهي خيرپور کي وقف ڪئي ھئي جيڪا اتان جا منتظم کپائي نقد رقم کڻي ويا اڄ جي نئين نسل کي خبر ئي ناهي ته فقير محمد نالي ڪنهن سخي مرد ٺيڙهي وارن کي زمين ڏني ھئي ! ان جي برعڪس مولوي شفیع محمد نظاماڻي صاحب جو نالو تاقيامت زنده رھندو.

ملندڙ جلندڙ مضمون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button