فيچر

سٺي استاد جا ڳڻ

ڊاڪٽرابومحمود

مخدوم جعفر بوبڪائي رح ڏهين صدي هجري جو ھڪ سنڌي عالم ٿي گذريو آهي. مخدوم صاحب تعليمي نظام جي سڌاري ۽ واڌاري بابت عربي زبان ۾ ‘نهج التعلم’ نالي سان هڪ ڪتاب لکيو. ھڪ تحقيق مطابق پوري اسلامي تاريخ ۾ هن موضوع تي ان کان اڳ صرف پنج ڪتاب لکيا ويا هئا. مخدوم صاحب ان ڪتاب جو ‘حاصل النهج، نالي سان فارسي ۾ خلاصو لکيو جنهن جو سنڌي ۾ ترجمو ڊاڪٽر عبد الرسول قادري صاحب جي طرفان ڪيو ويو آهي. ڪتاب ۾ تعليمي نظام، تعليمي نفسيات، تعليمي نصاب، استادن ۽ شاگردن جي تعلقات وغيره تي بحث ڪيو ويو آهي. اسان ان ڪتاب مان ان حصي جي چونڊ ڪئي آهي جنهن ۾ مخدوم صاحب ھڪ سٺي استاد جا ڳڻ بيان ڪيا آهن جن کي هيٺ پيش ڪجي ٿو:

استاد هميشه انصاف پسند رهي ۽ ظلم نه ڪري. هميشه حق ڏانهن رجوع ڪري. حق ٻڌائڻ ۾ شرم ۽ لڄ نه ڪري. ڪنهن جي ڪيل ڀلائي جو انڪار نه ڪري ۽ نه ان کي لڪائي. جي ڪو علم يا ڪمال حاصل نه هجي ته ان جي دعوا نه ڪري جو ائين ڪرڻ سان آخرڪار شرمسار ٿيڻو پوي ٿو. استاد کي الله تعالى جو ھن ڳالھ جو شڪر ادا ڪرڻ کپي ته ھن کيس تعليم ڏيڻ ۽ استاد ٿيڻ جي لائق بڻايو. سختي ۽ ڪاوڙ نه ڪجي. استاد شاگردن کي اهڙي نموني سان نه پڙهائي جو ھو سمجھي نه سگهن. پر تعليم ڏيڻ ۾ اهڙو آسان ۽ سولو طريقو اختيار ڪري، جو ھو جلدي ۽ آساني سان مقصد سمجھي وڃن. جيڪڏهن ڪنهن وقت شاگرد سبق غور سان نه ٻڌي يا نه سمجھي ته ان کي پنهنجي نظر ۾ حقير نه ڄاڻجي پر ائين خيال ڪجي ته ھي ماء جي پيٽان ڪورو آيو آھي ۽ هينئر به ائين ئي آهي، اڳتي هلي سمجھي ويندو. پڙهائي جي جاء کي ڪشادو رکجي ته جيئن سڀ ڪو ويهندڙ ۽ ايندڙ ويندڙ فائدو حاصل ڪري سگهي ۽ تنگ نظر نه ٿجي. اصولن ۽ طريقن کي لکي پيش ڪري ۽ انهن لاء دليلن کي ترتيب وار آڻي، يعني پهرين سولا ۽ عام فهم ۽ ان کان پوء قوي دليل. پڙهائي دوران اهڙو طريقو اختيار ڪري جو شاگرد جي علمي ۽ ديني ترقي ٿي. شاگردن کي وڏن ۽ مشڪل ڪتابن ۽ علمن پڙهائڻ کان پهريان کين آسان ۽ طبيعت جي موافق عام فهم علم حاصل ڪرڻ لاء چوي. جيڪڏهن شاگرد کان خطا ٿي پوي ته ان سان شفقت ۽ بردباري سان نڀائجي جيئن مهربان پيء پنهنجي پٽ سان پيش ايندو آهي. پنهنجي ڪاوڙ ۽ خراب نيت جي ڪري ان کي سبق پڙهائڻ ۽ تعليم ڏيڻ کان محروم نه ڪجي. پڙهائڻ مهل مطلب کي تمام مختصر نه ڪجي، پر پورو تفصيل سان بيان ڪجي. 

استاد پنهنجي تعليم جو دائرو رڳو خاص دوستن، شاهوڪار ۽ وڏن ماڻهن جي اولاد تائين محدود نه رکي بلڪه هر طالب علم کي درس ڏئي. طالب علم کي اولاد وانگر تربيت ڏي ۽ سندس همت افزائي ڪندو رهي. شاگرد کي ٻين استادن وٽ اچڻ وڃڻ کي خراب نه ڄاڻي، استاد پاڻ کي فخر طور ائين نه سمجھي ته بس، علم ۽ ڪمال ۾ آئون ئي سڀ ڪجھ آهيان. جيڪڏهن شاگرد کان ڪا خطا ٿي پوي ته ان کي سهو ۽ ويسر چئي، سخت گرفت نه ڪري. جيڪڏهن شاگرد اهڙن حرڪتن کان باز نه اچي ته پهريان ان کي اشارن ڪناين سان تنبيه ڪري، جيڪڏهن شاگرد سمجهي وڃي ته ٺيڪ آهي نه ته پوء به ان کي شفقت سان سمجهائي، پوء به نه سمجھي ته مٿس سختي ڪري. جيڪڏهن شاگرد ڪو صحيح عذر پيش ڪري ته استاد کي قبول ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن شاگرد مشائخن تي اعتراض ڪري يا اهڙو قول يا فعل ظاهر ڪري جنهن سان استاد ۽ شاگرد جي درميان جدائي ٿي پوڻ ضروري ٿي پوي ته استاد ٽي چار ڀيرا کيس معاف ڪري. استاد، شاگرد کي ان ڳالهه کان آگاه ڪري ته تنھنجي باري ۾ منهنجي دل ۾ ھي ڳالهيون يا شڪ شبها آهن ته جيئن شاگرد بي خبري يا حجت ۽ انڪار جي حد کان تجاوز نه ڪري. استاد شاگرد سان گفتگو دوران منهن ڪوڙو نه ڪري ۽ زياده کل ڀوڳ به نه ڪري. استاد ڪنهن ضروري سبب کان سواء سبق پڙهائڻ ۾ سستي نه ڪري. شاگرد کي سبق سندس لياقت مطابق ڏجي ته جيئن جلدي سمجھي وڃي. استاد الله تعالى کان پنھنجن شاگردن جي حق ۾ دعا پنندو رهي. جيڪڏهن شاگرد گهڻا هجن ته انهن کي الڳ پيرڊن ۾ سبق ڏجي. جيڪڏهن استاد کان ڪو سوال پڇيو وڃي ۽ کيس ان جو جواب معلوم نه هجي ته چوي الله ڄاڻي ٿو ۽ مون کي خبر ناهي. جيڪڏهن استاد پاڻ جواب نه ڏئي سگهي ته ان جو جواب ڪنهن ٻئي کان پڇي جنهن کي ان بابت علم هجي، ان ۾ ڪو به عيب نه آهي ۽ نه ئي ان ۾ پنهنجي گهٽتائي سمجھجي. جيڪڏهن پڇيو وڃي ته ھن وقت ملڪ ۾ يا روء زمين تي سڀ کان وڏو عالم ڪير آهي؟ جيتوڻيڪ دنيا ۾ پاڻ ئي وڏو عالم هجي پر وڏائي ۽ فخر جي ڪري ائين نه چوي ته ڪو آئون ئي دنيا ۾ وڏي علم وارو آهيان. استاد کي گهرجي ته پنهنجي شاگردن کي ان ڳالهه کان روڪي ته ھو سندس تعريف ۾ وقت جي ٻين عالمن ۽ اڳين بزرگن کان مبالغو ۽ وڌارو نه ڪن. استاد ان ڳالھ جو چاهيندڙ به نه هجي ته جڏهن مجلس ۾ اچي ته شاگرد سندس تعظيم ۾ اٿي بيهن. شاگردن تي ھن ڳالھ جو ٿورو نه ٿڦي ته ھو سندن استاد آهي، بلڪه الله تعالى جو احسان سمجھي جنهن کيس علم پکيڙڻ ۽ ثواب حاصل ڪرڻ جي توفيق بخشي آهي. جڏهن شاگرد بحث مباحثي ۾ حد کان ٽپي وڃن ته کين روڪي يا في الحال اتان اٿي وڃي جو سنت ۽ چڱو طريقو اهو ئي آهي.

ملندڙ جلندڙ مضمون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button