دينيات

مديني واري (صلي الله عليه وسلم) جي محبت ۽ سھڻو اخلاق

ابو جبير

مقداد رضي الله عنہ کان روايت آهي، چوي ٿو ته آئون ۽ منھنجا ٻه ساٿي(مديني شريف ۾) آياسين (سفر ۾ ڇتي) بک جي ڪري اسان جي ڪنن ٻڌڻ، ۽ اکين ڏسڻ ڇڏي ڏنو ھو. چوي ٿو ته اسان مديني شريف ۾ پنھنجو پاڻ کي (مھماني جي لاء) رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي اصحابن سڳورن تي پيش ڪيو ،ليڪن (جن کي اسان مھماني جي لاء عرض ڪيو سي شايد پاڻ ئي ھٿين خالي ھئا، تنھن ڪري)انھن اسان کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو.پوء اسين رسول الله صلي الله عليه وسلم جن وٽ آياسين،پاڻ صلي الله عليه وسلم جن اسان کي پنھنجي گھر وٺي ويا، جتي سندن ٽي ٻڪريون ھيون. فرمايائون ته ھي کير ڏوھي اسان پاڻ ۾ ورھايو. چوي ٿو ته اسان اھو کير ڏوھندا ھئاسين ۽ اسان مان ھر ھڪ پنھنجو حصو پيئندا ھو ۽ رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جو حصو سندن جي لاء رکي ڇڏيندا ھئاسين.

پاڻ صلي الله عليه وسلم جن رات جو (عشاء جي نماز کان پوء پنھنجي انصاري اصحابن سڳورن سان ڪچھري ڪري )جڏھن ايندا ھئا ته اھڙي طرح سلام ڪندا ھئا، جو ستل انسان(سندن سلام ٻڌي) ڪونه جاڳندو ھو ۽  جاڳندڙ انسان سندن سلام ٻڌي سگھندو ھو، پاڻ صلي الله عليه وسلم جن پوء مسجد ۾ وڃي (نفلي) نماز پڙھندا ھئا ۽ پوء پنھنجي کير ڏانھن ايندا ھئا ۽ کير پيئندا ھئا.  چوي ٿو ته ھڪ رات جو شيطان اچي مون کي برغلايو ۽ چوڻ لڳو ته محمد صلي الله عليه وسلم جن انصارين وٽ وڃن ٿا ۽ اُھي کين کارائين پيارين ٿا، کين(کير جي) ھن ڍُڪَ جي ڪا ضرورت ناھي، تون ماٺڙي ڪري پئي ڇڏ.شيطان مون کي مسلسل اھو وسوسو وجھندو رھيو، تان جو مون (نبي صلي الله عليه وسلم جو) اھو کير پئي ڇڏيو.جيئن ئي کير منھنجي پيٽ ۾ ويو، ۽ پڪ ٿيس ته ھاڻي اھو کير واپس نه ٿو اچي سگھي تڏھن ھو مون کي پشيمان ڪرڻ(۽ ملامت ڪرڻ)لڳو، ۽ چوڻ لڳو ته تو تي افسوس آھي، تو ھي ڇا ڪيو؟ تو رسول الله صلي الله عليه وسلم جو کير پيتو آھي، پاڻ سونھارا ايندا ۽ کير نه ڏسندا ته تو کي پِٽيندا، ۽ تون ھلاڪ ٿي ويندين ۽ تنھنجي دنيا ۽ آخرت ٻئي برباد ٿي وينديون. چوي ٿو ته مون کي ھڪڙي ننڍي چادر ڍڪيل ھئي ۽ جيڪڏھن ان سان مٿو ٿي ڍڪيو ته پير ٻاھر ٿي نڪتا ۽ جيڪڏھن پيرن کي ٿي ڍڪيو ته مٿو ظاھر پئي ٿيو، ۽ مون کي ننڊ ئي نه ٿي آئي، جڏھن ته مون وارا ٻئي ساٿي سمھي پيا ھئا. پوء رسول الله صلي الله عليه وسلم جن آيا ۽ حسب معمول سلام ورايائون ۽ پوء مسجد ۾ ويا ۽ نماز پڙهيائون ۽ پوء پنھنجي کير ڏانھن آيا  ۽ برتن جو ڪپڙو لاٿائون پر کير نه ڏٺائون، تڏھن پنھنجو مٿو آسمان ڏانھن کنيائون. چوي ٿو ته مون دل ۾ چيو ته ھاڻي منھنجي لاء بد دعا ڪندا ۽ آئون ھلاڪ ٿي ويندس،ليڪن (مٿن قربان وڃان) پاڻ صلي الله عليه وسلم جن فرمايو :يا الله جيڪو مون کي کارائي، تنھن کي تون کاراء ۽ جيڪو  مون کي پياري تنھن کي تون پيار. چوي ٿو ته آئون اٿيس ۽ پنھنجي چادر ڇڪي ٻڌيم ۽ ڇري کڻي ٻڪرين ڏانھن آيس ته جيئن ڏسان ته ڪھڙي ٻڪري وڌيڪ متاري آھي، ته جيئن اھا رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي لاء ذبح ڪريان. پر (سبحان الله!) ڇا ڏسان ته اھي سموريون کير مان ڄڻ ڦاٽيون پئي. پوء مون نبي صلي الله عليه وسلم جي گھر وارن جو ٿانو کنيم، ايڏو(وڏو) ٿانو، جو انھن ڪڏھن اميد نه ڪئي ھوندي جو انھي ٿانو ۾ ھنن ٻڪرين جو کير ڏوھن.پوء مون انھي ٿانو م کير ڏڌو، تان جو (برتن کير مان ڀرجي ويو ۽)کير جا گوگ مٿانس چڙھي آيا، ۽ ھاڻي  آئون اھو کير کڻي رسول الله صلي الله عليه وسلم جن وٽ آيس. (قربان وڃان) رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته مقداد!اوھان اڄ رات کير ڪونھي پيتو؟مون عرض ڪيو الله جا رسول!اوھان پيئو. پاڻ سونھارن پيتو ۽ پوء کڻي مون کي ڏنائون.مون عرض ڪيو ته الله جا رسول!اوھان پيئو. پوء پاڻ صلي الله عليه وسلم جن کير پيتو ۽ پوء مون کي ڏنائون ،مون بچيل کير پيتو ۽ جڏھن مون کي يقين ٿيو ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جن پئي ڍؤ ڪيو آھي ۽ سندن دعا منھنجي لاء به قبول پئجي وئي آھي(جو مون کين کير پياريو ته الله تعالي پاڻ سونھارن جي دعا سان مون کي به کير پياريو) تڏھن مون کي کِل آئي ۽ مون وڏو ٽھڪ ڏنو جو زمين تي وڃي پيس. پاڻ سونھارن فرمايو ته مقداد تو ڪھڙو ڪارنامو ڪيو آھي (جو اڄ ايترو کلين پيو؟) مون کين سموري ڳالھ ڪري ٻڌائي، پاڻ سونھارن فرمايو ته(ھي کير وارو معجزو) الله جي رحمت آھي. ۽  تو مون کي پھرين ڇو نه ٻڌايو، ته تنھنجي ٻنھي ساٿين کي اٿاريون ھا ته اھي به کير پيئن ھا؟مون عرض ڪيو ته الله جا رسول!(صلي الله عليه وسلم) جڏھن اوھان کير پيتو ۽ مون به اوھان سان گڏ پيتو ته ٻين جي مون کي ڪا به پرواھ ناھي.

مسند أحمد  مسند الأنصار  | حديث المقداد بن الأسود. 

حكم الحديث: إسناده صحيح على شرط مسلم، رجاله ثقات ،صحيح مسلم ( 2055 )، سنن الترمذي.

✓سبحان الله ڇا ته محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جو صبر ۽ ايثار ھو ۽ ڇا ته سندن دل ۾ سندن ساٿين جي لاء محبت ھئي. 

✓ کير خوراڪ آھي، ۽ قناعت کان ڪم وٺڻ رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي سنت آھي.

✓ جماعت ايثار ۽ قرباني جي جذبي سان ٺھندي آھي ۽ سھڻي اخلاق سان ماڻھون پتنگا بڻجي مِڙي گڏ ٿي سگھن ٿا، ۽ بد خلقي سبب ٺھيل جماعت بہ ڪک پن ٿي ويندي آھي. 

✓جماعت جي خبر چار وٺڻ جي لاء رات جو انھن جموٽ وڃي سگھجي ٿو ۽ وٽن قرب جا قدم ڀري سور سلي سگھجن ٿا.

✓ ساٿين جي ٿوري گھڻي غلطي تي کين ھر ھر ملامت ڪرڻ مناسب ناھي. انس بن مالڪ رضي الله عنہ چوي ٿو تہ  مون رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي ڏھ سال خدمت ڪئي، پاڻ سونھارن مون کي ڪڏھن اُف به نه چيو، ۽ ڪڏھن ايئن نه چيائون ته ھي ڇو ڪيئي يا ڇو نه ڪيئي؟ (صحيح بخاري6038)

✓انس بن مالڪ رضي الله عنہ چوي ٿو ته نبي صلي الله عليه وسلم جن ڪڏھن گھٽ وڌ نه ڳالھايائون، ۽ نه ڪڏھن فحش ۽ برو لفظ سندن زبان مان نڪتو ء نه ئي ڪنھن کي لعنت ڪندا ھئا، ۽ جيڪڏھن ڪنھن کي جھڻڪيندا ھئا ته به اھو ئي چوندا ھئا ته الله ڪري سدا سجدي ۾ ھجين.(صحيح بخاري 6031)

✓ابو ھريرہ رضي الله عنہ کان روايت آھي ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جن کي عرض ڪيو ويو ته الله جا رسول ھنن مشرڪن تي بد دعا ڪريو، تڏھن پاڻ سونھارن فرمايو ته مون کي بد دعا ۽ لعنت ڪندڙ بڻائي نه موڪليو ويو آھي، مون کي رحمت بڻائي موڪليو ويو آھي. (صحيح بخاري 2599)

✓جرموز ھجيمي رضي الله عنہ کان روايت آهي ، چوي ٿو ته مون رسول الله صلي الله عليه وسلم جن کي عرض ڪيو تہ، الله جا رسول! مون کي(ڀلائي جي ڪا) وصيت ڪريو. فرمايائون ته آئون توکي وصيت ڪريان ٿو ته ڪڏھن ڪنھن تي لعنت ۽ بد دعا نه ڪجان. (مسند احمد 20678)

✓ عبدالله بن عمر رضي الله عنھما کان روايت آھي، چوي تو ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته مومن جو اھو شان ناھي جو ھو لعنت ۽ بد دعا ڪندڙ ٿئي.(سنن الترمذي،2019)

✓ مالڪ بن حويرث رضي الله عنہ کان روايت آهي ته آئون پنھنجي قوم وارن جي ڪجھ ماڻھن سان گڏ رسول الله صلي الله عليه وسلم جن وٽ آيس ۽ اسين وٽن ويھ ڏينهن رھياسين، پاڻ سونھارا نھايت ٻاجھارا ۽ نرم طبع انسان ھئا.(صحيح بخاري 628).

الله سائين اسان سڀني کي رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي سيرت تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

ملندڙ جلندڙ مضمون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button