ويچارو ننڍو ڀاء
پروفيسر برڪت ڀيو
اسان جي معاشري ۾ ڪنهن والدين جي آخري پٽ کي پيء ماء جو دادلو ۽ گهڻ گهريو سمجهيو ويندو آهي، ۽ هن لاءِ اهو به گهر ۾ مشهور هوندو آهي ته ان جون خواهشون ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پوريون ڪيون وينديون آهن. اچو ته ان آخري پٽ جنهن کي ننڍو ڀاءُ به سڏيو ويندو آهي، تي روشني وجهون ته اهو ڪيترو دادلو ۽ نصيبن وارو هوندو آهي.
جڏهن ڪنهن کي پھريون پٽ ڄمندو آهي ته ان جا والدين ڏاڏو ڏاڏي ۽ نانو ناني خوشي ۾ نه ماپندا آهن. ان ٻار کي اڻ ميو پيار ملندو آهي. ان جي پرورش ۾ ايترو ته پيار ۽ ناز هوندو آهي جو اها خبر به ناهي پوندي ته ڪٿي اهو پيار سندس عادتون نه خراب ڪري، پر جي خبر هوندي به آهي ته ان کي درگذر ڪيو ويندو آهي ۽ ٻار جي هر خواهش کي پورو ڪيو ويندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ گهڻو ڪري ٻار ضدي به ٿي پوندو آهي.
جڏهن والدين کي ٻار پالڻ جو تجربو ٿي ويندو آهي، ۽ پرورش دوران ڪجهه ڪيل غلطين جو احساس ٿي ويندو آهي ته ان کان پوءِ جيڪا اولاد ٿيندي آهي ته ساڻن سندن رويو ڪجهه سخت هوندو آهي. ڪجهه اولاد ٿيڻ کان پوءِ جڏهن کين ان ڳالهه جي پڪ ٿي ويندي آهي ته هي سندن آخري اولاد آهي ته ان سان به والدين جو اوتروئي پيار هوندو آهي جيترو پهرين اولاد سان. والدين ننڍي پٽ (ٻار) سان ٻارن وارو ورتاء ڪندا آهن ۽ پيار ڏيندا آهن. وڏن پٽن جي عمر ايتري ٿي ويندي آهي جو انهن سان ٻاراڻو ورتاء ناهي ڪيو ويندو يا ظاهري پيار جتائڻ وارا جملا به ناهن چيا ويندا.
ننڍي پٽ سان والدين جو پيار سڀني کي نظر ايندو آهي، جنهن جا والدين کي طعنا به ڏنا ويندا آهن ته هن سان پيار گهڻو ٿا ڪيو ۽ هن کي مچلو ڪري ڇڏيو اٿوَ. حالانڪ اڳئين اولاد سان به والدين اوتروئي پيار ڪيو هوندو آهي.
ڪجهه عرصي کانپوءِ اولاد جي شادين ڪرائڻ جو سلسلو شروع ٿيندو آهي. جڏهن وڏي پٽ جي شادي ٿيندي آهي ته والدين ان جي شاديءَ جو شوق سان خرچ پاڻ ڪندا آهن، وري جڏهن ان کي اولاد ٿيندي آهي ته گهر جو هر فرد ان ٻار جي جاني ۽ مالي خدمت ڪندو آهي جهڙوڪ ان کي کڻي گهمائڻ، ان کي کيڏائڻ ۽ ان لاءِ رانديڪا ۽ مختلف شيون خريد ڪرڻ. پر انهن سڀني ۾ والدين (ڏاڏو ڏاڏي) گهڻو ڪردار ادا ڪندا آهن. جيئن اهو ٻار وڏو ٿيندو آهي ته ان کي مختلف عمرن جي ماڻهن جي صحبت ۽ پرورش نصيب ٿيندي آهي.
جڏهن ننڍي ڀاءُ جي شاديء جو وارو ايندو آهي ته پوءِ حالات ساڳيا ناهن رهندا. ان کي ڀائر چوندا آهن ته تون پئسا گڏ ڪيا آهن جو شادي ٿو ڪرين. ان وقت تائين والدين جو هٿ به تنگ ٿي چڪو ھوندو آهي يا وري وسائل وڏن پٽن جي ڪنٽرول ۾ هوندا آهن. جي هي ننڍو ڀاءُ ڪجهه سڌريل هوندو ته پوءِ هن جو هن جي ڀاڄاين پرپٺ ئي پنهنجن ۾ رشتي جي ڪنهن کي پڪ ڏني هوندي آهي. گهڻو ڪري ته هن ويچاري کي پنهنجي مرضي سان پرڻجڻ به ڪون ڏيندا آهن.
شادي ٿيڻ کانپوءِ جڏهن هن ننڍي ڀاءُ کي اولاد ٿيندي ته پوءِ ھن جي ٻار کي اها توجه ڪون ملندي آهي جيڪا پهرين(وڏن) پٽن جي اولادن کي ملي. هن جي ٻار جي جاني ۽ مالي خدمت ڪون ڪئي ويندي آهي ، ڇو ته هرڪو پنهنجي اولادن ۾ پورو هوندو آهي. هن جا والدين گهڻو ڪري ته فوت ٿي چڪا هوندا آهن ، پر جي اهي زنده به هوندا ته پوءِ انهن ۾ ٻار گهمائڻ يا کيڏائڻ جي توانائي ۽ جذبو ڪون رهندو آهي. خاندان ۾ وڌ ۾ وڌ جنهن فرد کي سهولتون ملنديون آهن اهو وڏو پٽ هوندو آهي. وڏي پٽ جي اولاد جي پالنا ۾ ان جي والدين جا وسائل استعمال ٿيندا آهن. پر ننڍي ڀاءُ جي شاديء کانپوءِ ملڪيت به ورهائجي ويندي آهي. گهر جو واحد فرد اهو ننڍو ڀاءُ ئي هوندو آهي جيڪو پنهنجي اولاد پنهنجي وسائلن مان پاڻ پاليندو آهي.
اهو ئي سبب آهي جو ترقي يافته ملڪن ۾ ننڍي اولاد کي والدين جي ڇڏيل ورثي مان وڌيڪ حصو ڏنو ويندو آهي. پر اسان جي معاشري ۾ ننڍي ڀاءُ سان اتي به چالاڪي ڪئي ويندي آهي
