”جي ماريا نه موت“
علي عاجز
جڏهن به يونيورسٽي کلندي يا بند ٿيندي آهي ته حيدرآباد جي ڪنهن نه ڪنهن ڪتاب گهر تي اچڻ ضرور ٿيندو آهي. پڙهڻ سمجهڻ جون نيون نيون امنگون اندر ۾ اٿي پونديون آهن. تنهن ڪري ڪي نه ڪي ڪتاب ضرور وٺي ويندو آهيان.
جڏهن کان منصور ڪلوڙ سان واسطو ٿيو آهي. تڏهن کان هن جو هڪڙو جملو سندس مخصوص انداز ۾ ٻڌڻو پوندو آهي ته ، ”سٺا سٺا ڪتاب پڙهو. جيڪي ترجما ٿيا آهن. “
خاص ڪري ٻاهرين ادب مان ناول هن جي پسنديده صنف رهي آهي.
شايد ان ڪري جو سنڌي ناولنگار ڪجھ ناول نگارن ، جن ۾ ڏيپلائي ، سراج ، علي بابا ، اڪبر سومرو ، سحر گل، ڪليم ٻُٽ ۽ يار محمد چانڊيو کي ڇڏي ڪري باقي روايتي موضوعن ۽ يونيورسٽي جي عشق کان اڳتي ناهن وڌي سگهيا.ويجھڙائي ۾ احمد شاڪر ڪجھ سٺو لکڻ جي ڪوشش ڪئي. چچريل لاش نالي ناول لکيو. پر تنهن ۾ به فني کوٽ هجڻ سبب ناول ادبي حُلقن ۾ گهٽ مڃتا ماڻي سگهيو.
ان ڪري مجبورن منصور جي ڳالھ مڃي ، ٻاهرين ادب جي ترجمن تي گذارو ڪرڻو پوندو آهي. يا وري ڪڏهن ڪڏهن سولي انگريزي ۾ ڇپيل ڪو ناولٽ پڙهي ٻاهرين ادب پڙهڻ جي چُوس چڪتو ڪرڻي پوندي آهي.
اڄ منجهند سوچيم ته ڪو سو کن صحفن جو ڪتاب کڻجي ۽ جلدي پڙهجي. ان ڪري ڪتابن جي الماڙين مان تنوير عباسي جو ترجمو ڪيل ناول ”جي ماريا نه موت“ نظر آيو.
هي ڪتاب پهريون دفعو رسول بخش پليجي جي سربراهي ۾ ڪم ڪندڙ اشاعتي اداري ” سنڌي عوامي ڪتاب گهر “ پاران سال 1973ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو ويو هو.اڌي صدي پڄاڻان ناز سنائي جي اداري سنڌي ساهت گهر پاران وري شايع ڪيو آهي.
هي ناول بنيادي طور تي ويٽنام جي هڪڙي قومي هيري نگوين وان تروئيءَ جي همت ڀري جيون جي جُھد تي مشتمل آهي. جيڪو سندن زال ڪوئين جي زباني بيان ڪيو ويو آهي.
جنهن کي نگوين وان تروئيءَ سان شادي ڪندي 19 ڏينهن مس گذريا هئا. ته هو آمريڪي بچاءُ جي وزير ميڪنامارا کي مارڻ جو منصوبو جوڙي ٿو. ناڪامي تي گرفتار ٿي غيرانساني تشدد جي ور چڙهڻ بعد به هو پنهنجي ساٿين بابت ذري برابر به راز ظاهر نه ٿو ڪري، پر ڦاسي جي ڦندي کي چمي تخت دار تي چڙهي پنهنجي وطن ويٽنام تان وارجي ٿو وڃي.
جڏهن پوليس سپرنٽينڊنٽ هن کان پڇاڻو ڪري ٿو ته هو کيس ٻڌائي ٿو. قصور وار ٻيو ڪير ڪونهي . آمريڪي حملي آوارن کي مارڻ ڪو ڏوھ ڪونهي ، پر ملڪ جي خدمت آهي. ميڪنامارا کي مارڻ جو منصوبو مون اڪيلي ئي جوڙيو هو. ان ۾ ٻيو ڪو به شخص شريڪ ڪونهي.
سندس ٻالڪپڻ بابت ڪوئين ٻڌائي ٿي.
هن جو ننڊپڻ ڏاڍن ڏکن ۾ گذريو هو. هو اڃان ٻار هو ته هن جي ماءُ لاڏاڻو ڪري وئي. هو اڃان ٽن سالن جو هو ته فرانسيسي انقلابين جي ڳولا ۾ ان علائقي تي حملو ڪيو. سندس ماءُ هن کي کڻي جهنگ ۾ لڪي وئي. ڪجھ مهينن کان پوءِ بُک ۽ بيماري وگهي مري وئي. سندس پيءُ کي انهن گرفتار ڪيو. ھو آزاد ٿيڻ بعد روزگار جي ڳولا ۾ گهڻو پري نڪري ويو. سالن تائين گهر نه ايندو هو .سندس پالنا ۽ پرورش چاچي ڀاءُ ۽ ڀاڻيجيءَ ڪئي هئي.
ساڳئي ريت هن ناول ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته انقلابي سرگرميءَ ۾ حصو وٺندڙ شخص جي سرگرمي سدائين لڪيل رهي. ايتري قدر جو نگوين وان تروئيءَ
جي سدا ملوڪ سھڻي ۽ پيار ڪندڙ زال ڪوئين کي به هن جي انقلابي ھجڻ جي ڪا ڪل ڪانه ٿي پوي.
هو جڏهن سندس مصروفيتن بابت پڇي ٿي ته کيس چوي ٿو ته ، منهنجي آفيسر بجلي جو هڪ ڪم مڪمل ڪرڻ جو ذمو مون تي رکيو آهي. پر آئون ان جي خاتمي جو ذريعو اڃان تلاش ناهيان ڪري سگهيو.
ٻئي طرف هڪ انقلابيءَ کي ويٽ ڪانگ جي سرگرمين جي سُڌ ڏئي پنهنجي جان بچائڻ لاءِ راضي ڪرڻ ۾ رڌل سامراجي دلال پوليس آفيسر سندس زال کي ڪيئن نه ٻڌائي ٿو ته ،
ڏس ته سهي !
تروئي ڪيڏو بيوقوف آهي، ماڻھو ڪيئن نه سک سانت سان پنهنجا ڪم پيا ڪن ۽ مزا پيا ماڻين ۽ هو آهي جو ويٽ ڪانگ جي ڳالھين ۾ اچي ويو آهي. ! ۽ هاڻي توهين زال مڙس ڌار ڌار جيل ۾ پيا آهيو.
ساڳئي وقت جڏهن اهو اهڙيون ڳالھيون ڏکڻ ويٽنام جي وريام آڏو ڪري ٿو ته هو تلخ لهجي ۾ کيس چوي ٿو.
جڏهن کان گرفتار ٿيو آهيان. تڏهن کان تون اهو ئي راڳ آلاپيندو ٿو رهين.
ڄڻ ته منهنجي زال جو خيال منهنجي وطن جي خيال تي ڇائنجي ويندو.جيستائين اسان جي ڌرتي تي هڪ به يانڪي موجود آهي. تيستائين هتان جي هڪ به انسان کي خوشي نصيب نه ٿيندي.
وطن سان وفا ، مستقل مزاجي ، جنگ ۽ محبت جي جذبن سان سرشار وک وک تي وطن دوستي جا اڻ وسرندڙ سبق سيکاريندڙ هي ناول اڄ به سنڌي پاٺڪ لاءِ اهڙو ئي ڪارائتو آهي.
جھڙو اڌ صدي اڳ هو.
سنڌي پڙهندڙ کي اڄ به هن ڪتاب مان سکيا وٺڻ جي ايتري ضرورت آهي. جيتري محترم پليجي صاحب جي جوانيءَ وارين ڏينهنن ۾ هئي. تنهن ڪري ته هن هڙان وڙان ڏئي به سنڌي عوام کي دنيا جي درد ناڪ حالتن ۽ هانءُ ڏاريندڙ ڏينهنن جي واقعن کان واقفيت ڪرائي. ته جيئن سنڌي ماڻھو وطن دوستي ۽ حق جي فتح مان پُراميد ۽ آسروند رهن.
آئون سڀني سنڌي نوجوانن ۽ ادب پڙهندڙ ماڻھن کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي هڪ نه ، ٻه نه ، پر ٽي دفعا هن ناول کي ضرور پڙهن.
ته هن ڪتاب جي ليکڪ ترجمي نگار ۽ ناول کي شايع ڪندڙ ماڻھن جي محنت سڦلتا ماڻيندي.
هڪ ڏينهن سندن وطن ۾ به واهوندي جي وير ورندي. کيت خوشبو دار بڻجي، مھيندي جي مهڪ سان مهڪي پوندا.چوڌاري چيٽ جي چانڊوڪين ۽ سياري جي گگھ اونڌاھ راتين ۾ رابيلن جي روح پروار هٻڪار هوائن ۾ ڦهلجي ويندي.
لاڙ وچولي ۽ اتر ۾ سارين جي سرهاڻ ، موج ڀريو مهراڻ ۽ موهن جي دڙي مٿان لهندڙ سج جي لالاڻ اهو ٻڌائيندي ته هاڻي هي قوم پنهنجي وطن ۽ وسيلن جي مالڪ آهي.
هن ڌرتي تي ڌڙان ڌڙ ڌاريا ڪٽڪ ڪري آيا. پر سندن وجود مٽجي ۽ ميسارجي ويو.
پر هي محبوب جي ڳلن جهڙي ميٽڙي مٽي اڄ به موجود آهي. پٽڪي جو ترو ٻڌي ۽ شھپر کي تاوءُ ڏئي هلندڙ سنڌي ماڻھو اڄ به آباد آهن.

