دينيات

خلاصه قرآن-پھريون سيپارو-الم

ڊاڪٽرابومحمود

ھي سيپارو سوره الفاتحه ۽ سوره البقره جي 141آيتن تي مشتمل آهي .

سوره الفاتحه:

سوره فاتحه مڪي آهي يعني مڪي دور ۾ نازل ٿي.

فاتحه جي معنى آهي شروعات ڪندڙ، جيئن ته ھن سورت سان قرآن مجيد جي شروعات ٿئي ٿي ان ڪري هن کي فاتحه چيو ويو. ھن جا ٻه حصا آهن پھرين حصي ۾ الله جي حاڪميت ۽ رحمانيت جو اظهار آهي جڏهن ته ٻئي حصي ۾ انسان پنهنجي عاجزي جو اظهار ڪندي الله سائين کان ھدايت جو طلبگار ٿئي ٿو.

سوره البقره:

ھيء سورت قرآن مجيد جي سڀ کان وڏي سورت آهي۽ 286 آيتن تي مشتمل آهي. ھيء مڪي دور ۾ نازل ٿي. سوره فاتحه ۾ انسان الله کان ھدايت جو طلبگار ٿئي ٿو ته الله سائين جواب ۾ سوره بقره جي شروعات ۾ئي فرمائي ٿو ته ھدايت کپيو ته ھي ڪتاب پڙهو. ان کان پوءِآيت نمبر 5  تائين متقين جي صفات جو ذڪر آهي ۽ آيت نمبر8  کان وٺي آيت نمبر 20 تائين منافقن جو ذڪر آهي. ان کان پوءِ انسانن کي چيلنج ڏنو ويو آهي ته جيڪڏهن توهان کي قرآن جي اللہ جي طرفان نازل  ڪيل ھجڻ جي باري ۾ شڪ آهي ته ان جھڙي ڪا سورت ٺاهي ڏيکاريو، ان کانپوءِ جنت جي نعمتن جو ذڪر آهي، جنهن کان پوءِ آدم عليه السلام جي خلقت، کيس زمين تي خليفو بڻائڻ ۽ فرشتن مٿان سندس فضيلت جو ذڪر آهي. ان کان پوءِ آيت نمبر40 کان وٺي تقريبن سيپاري جي اختتام تائين بني اسرائيل جو ذڪر آهي. اسرائيل اصل ۾ حضرت يعقوب عليه السلام جو لقب ھيو، سندس آل، بني اسرائيل سڏجندو آهي. بني اسرائيل تي الله سائين وڏيون نعمتون ڪيون ۽ کين فضيلتون عطا ڪيون. مثال طور حضرت يوسف عليه السلام کان وٺي حضرت عيسىٰ عليه السلام تائين سڀ انبياء بني اسرائيل مان ھيا، کين فرعون جي ظلم کان الله سائين نجات ڏياري، تيه جي رڻ پٽ ۾ من و سلوا جون نعمتون عطا ڪيون، الله سائين طرفان ڪڪر نٽهڻ اس ۾ ھنن مٿان ڇانو ڪندو رهيو. انهن نعمتن جي ڪري ھو پاڻ کي الله جي اولاد ۽ سندس محبوب سمجهڻ لڳا ۽ سندن عقيدو ٿي ويو ته جھنم جي باھ کين نه ڇھندي سواءِ چند ڏينهن جي. الله سائين سندن ان دعوىٰ کي رد ڪيو آهي ۽ ٻڌايو آهي ته اھڙو ڪو به واعدو توهان سان نه ٿيل آهي ڇو ته قيامت جي ڏينهن انسان کي سندس ايمان ۽ عمل صالح ئي بچائيندو نه ڪه ڪنهن سان ڪو نسلي تعلق. ان حوالي سان الله سائين ابراهيم عليه السلام جو مثال ڏنو آهي ته جڏهن ھو آزمائشن ۾ پورو لٿو ته الله ساڻس واعدو ڪيو ته کيس انسانن جو امام بڻائيندو. ان تي ابراهيم عليه السلام ترت ئي پڇيو ته ڇا منهنجي اولاد لاءِ به اهو ساڳيو واعدو آهي؟ الله سائين فرمايو ته منهنجو واعدو ظالمن لاءِ نه آهي. معنى جيڪڏهن تنهنجي اولاد مان ڪو ظالم ھوندو ته کيس امامت جو اعزاز صرف ان لاءِ ڪو نه ملندو ته ان جي نسبت تو سان آهي. ان قسم جو مضمون قرآن ۾ ڪيئي جڳھن تي آيل آهي جيئن نوح عليه السلام جي پٽ ۽ گھر واريءَ، لوط عليه السلام جي گهر واري ۽ فرعون جي گهر واريءَ جو ذڪر. ان سڄي قصي ۾ امت محمديه جي لاءِ به سبق آهي ته صرف نبي سڳوري جي امت ۾ ھجڻ ڪري نجات نه ٿيندي بلڪه ايمان ۽ عمل صالح لازمي آهي. سيپاري جو اختتام به ھن آيت سان ٿي ٿو ته اھا بني اسرائيل توهان کان پھريون گذريل ھڪ امت هئي، سندن لاءِ سندن اعمال ۽ توهان لاءِ توهان جا اعمال، سندن اعمال جي باري ۾ توهان کان پڇا نه ٿيندي.

ملندڙ جلندڙ مضمون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button