دينيات

خلاصہ قرآن-پھريون سيپارو-الم

پھريون سيپارو-الم

ھي سيپارو سوره الفاتحه مڪمل ۽ سوره البقره جي 141 آيتن تي مشتمل آهي.

سوره الفاتحه:

سوره فاتحه مڪي آهي يعني مڪي دور ۾ نازل ٿي.

Eفاتحه جي معنى آهي شروعات ڪندڙ، جيئن ته ھن سورت سان قرآن مجيد جي شروعات ٿئي ٿي ان ڪري هن کي فاتحه چيو ويو. ھن جا ٻه حصا آهن پھرين حصي ۾ الله جي حاڪميت ۽ رحمانيت جو اظهار آهي جڏهن ته ٻئي حصي ۾ انسان پنهنجي عاجزي جو اظهار ڪندي الله سائين کان ھدايت جو طلبگار ٿئي ٿو.

سوره البقره:

Eھيء سورت قرآن مجيد جي سڀ کان وڏي سورت آهي۽ 286 آيتن تي مشتمل آهي.

Eھيء مڪي دور ۾ نازل ٿي.

Eسوره فاتحه ۾ انسان الله کان ھدايت جو طلبگار ٿئي ٿو ته الله سائين جواب ۾ سوره بقره جي شروعات ۾ ئي فرمائي ٿو ته ھدايت کپيوَ ته ھي ڪتاب پڙهو. ان کان پوءِآيت نمبر 5 تائين متقين جي صفات جو ذڪر آهي. آيت نمبر6 ۽7  ۾ ڪافرن جو ذڪر آهي جڏهن ته آيت نمبر8  کان وٺي آيت نمبر 20 تائين منافقن جو ذڪر آهي. آيت نمبر24 ۾ انسانن کي چيلنج ڏنو ويو آهي ته جيڪڏهن توهان کي قرآن جي اللہ جي طرفان نازل ڪيل ھجڻ جي باري ۾ شڪ آهي ته ان جھڙي ڪا سورت ٺاهي ڏيکاريو. آيت نمبر25 ۾ جنت جي نعمتن جو ذڪر آهي، جنهن کان پوءِ آيت نمبر30 کان آدم عليه السلام جي خلقت، کيس زمين تي خليفو بڻائڻ ۽ فرشتن مٿان سندس فضيلت جو ذڪر آهي.

E آيت نمبر40 کان وٺي تقريبن سيپاري جي اختتام تائين بني اسرائيل جو ذڪر آهي. اسرائيل اصل ۾ حضرت يعقوب عليه السلام جو لقب ھيو، سندس آل، بني اسرائيل سڏجندو آهي. بني اسرائيل تي الله سائين وڏيون نعمتون ڪيون ۽ کين فضيلتون عطا ڪيون. مثال طور حضرت يوسف عليه السلام کان وٺي حضرت عيسىٰ عليه السلام تائين سڀ انبياء بني اسرائيل مان ھيا، کين فرعون جي ظلم کان الله سائين نجات ڏياري، تيه جي رڻ پٽ ۾ من و سلوا جون نعمتون عطا ڪيون، الله سائين طرفان ڪڪر نٽهڻ اس ۾ ھنن مٿان ڇانو ڪندو رهيو. انهن نعمتن جي ڪري ھو پاڻ کي الله جي اولاد ۽ سندس محبوب سمجهڻ لڳا ۽ سندن عقيدو ٿي ويو ته جھنم جي باھ کين نه ڇھندي سواءِ چند ڏينهن جي. الله سائين سندن ان دعوىٰ کي رد ڪيو آهي ۽ ٻڌايو آهي ته اھڙو ڪو به واعدو توهان سان نه ٿيل آهي ڇو ته قيامت جي ڏينهن انسان کي سندس ايمان ۽ عمل صالح ئي بچائيندو نه ڪه ڪنهن سان ڪو نسلي، حسبي يا نسبي تعلق. ان حوالي سان الله سائين ابراهيم عليه السلام جو مثال ڏنو آهي ته جڏهن ھو آزمائشن ۾ پورو لٿو ته الله ساڻس واعدو ڪيو ته کيس انسانن جو امام بڻائيندو. ان تي ابراهيم عليه السلام ترت ئي پڇيو ته ڇا منهنجي اولاد لاءِ به اهو ساڳيو واعدو آهي؟ الله سائين فرمايو ته منهنجو واعدو ظالمن لاءِ نه آهي. معنى جيڪڏهن تنهنجي اولاد مان ڪو ظالم ھوندو ته کيس امامت جو اعزاز صرف ان لاءِ ڪو نه ملندو ته ان جي نسبت تو سان آهي. ان قسم جو مضمون قرآن ۾ ڪيئي جڳھن تي آيل آهي جيئن نوح عليه السلام جي پٽ ۽ گھر واريءَ، لوط عليه السلام جي گهر واري ۽ فرعون جي گهر واريءَ جو ذڪر. ان سڄي قصي ۾ امت محمديه جي لاءِ به سبق آهي ته صرف نبي سڳوري جي امت ۾ ھجڻ ڪري نجات نه ٿيندي بلڪه ايمان ۽ عمل صالح لازمي آهي.  

Eسيپاري جو اختتام به ھن آيت سان ٿي ٿو ته اھا بني اسرائيل توهان کان پھريون گذريل ھڪ امت هئي، سندن لاءِ سندن اعمال ۽ توهان لاءِ توهان جا اعمال، سندن اعمال جي باري ۾ توهان کان پڇا نه ٿيندي.

ملندڙ جلندڙ مضمون

Back to top button