خلاصہ قرآن-چوٿون سيپارو-لن تنالوا
چوٿون سيپارو سوره آل عمران جي بقايا 119 ۽ سوره نساء جي 23 آيتن تي مشتمل آهي.
ھن سيپاري جي شروعات ۾ ئي الله سائين فرمائي ٿو ته توهان نيڪيء جي انتھا تائين تيستائين نه ٿا پڄي سگهو جيستائين اھا شي الله جي راه ۾ خرچ نه ٿا ڪيو جيڪا توهان کي پياري ھجي.
حج جي فرضيت جو ذڪر آهي.
الله جي رسيء کي مضبوطيء سان پڪڙيو ۽ تفرقي بازي ۾ نه پئو. توهان مان ھڪ گروه اھڙو ھجڻ کپي جيڪو ماڻهن کي ڀلائي جي دعوت ڏئي، امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جو فريضو سر انجام ڏئي. انهن وانگر نه ٿيو جيڪي واضح نشانيون اچڻ بعد به تفرقي ۽ اختلاف ۾ پون ٿا. قيامت جي ڏينهن ايمان وارن جا چھرا جرڪندڙ ھوندا جڏهن ته ڪفر ڪرڻ وارن جا چھرا ڪارانٺيل ھوندا. اھل ڪتاب (يھودي ۽ عيسائي) سڀ برا نه آهن؛ انهن مان ڪجھ چڱا به آهن جيڪي رات جي پيٽ ۾ الله جون آيتون تلاوت ڪن ٿا، سجدا ڪن ٿا، الله تي ۽ آخرت تي ايمان رکن ٿا، نيڪي جو حڪم ڏين ٿا، برائيء کان روڪين ٿا ۽ نيڪيء جي ڪمن ۾ اڳي کان اڳرا ٿي حصو وٺن ٿا.
سن 3 ھجري ۾ لڳل جنگ احد جو ذڪر آهي ته جڏهن ڪجھ مسلمانن دل ننڍڙي ڪئي ته الله سائين کين ياد ڏياريو ته ڪيئن نه ھن ھڪ سال اڳ جنگ بدر ۾ توهان جي مدد ڪئي هيائين جو پهريائين 3 ھزار ۽ پوءِ پنج ھزار فرشتا موڪليائين، الله جيڪو غالب ۽ حڪمت وارو آهي ائين ئي مؤمنن جي مدد ڪندو آهي. وياج جي ممانعت جو ذڪر آهي.
متقين جون صفات ٻڌايون ويون آهن ته اھي خوشحاليء ۽ تنگيء ۾ خرچ ڪندڙ، غصي کي پيئندڙ ۽ ماڻهن کي درگذر ڪندڙ ھوندا آھن، کانئن ڪو گناه ٿي ويندو آهي ته فورن الله کي ياد ڪندا آهن ۽ پنهنجن گناھن تي استغفار ڪندا آهن ۽ گناهن تي اصرار نه ڪندا آهن. اھڙن ماڻهن لاءِ سندن رب جي طرفان مغفرت ۽ جنت جو اعلان آهي.
آيت نمبر 139 کان 179 ۾ جنگ احد جي مختلف واقعن جو بيان آهي، انھن ئي آيتن جي وچ ۾ مسلمانن کي ايمان جي شرط سان غلبي جو واعدو، نبي صلي الله عليه وسلم جن جي بعثت الله جي طرفان احسان ۽ الله جي راه ۾ شھادت جو درجو ماڻيندڙن جي زنده ھجڻ جو بيان آهي.
ھر نفس کي موت جو ذائقو چکڻو آهي، قيامت جي ڏينهن توهان کي توهان جي عملن جو بدلو ملي ويندو، پوءِ جنهن کي باھ کان بچايو ويو ۽ جنت ۾ داخل ڪيو ويو ته اھو ئي ڪامياب ليکبو.
زمين ۽ آسمان جي خلقت ۽ ڏينهن ۽ رات جي مٽجڻ ۾ عقل وارن لاءِ نشانيون آهن، اھي عقلمند اٿندي ويھندي ۽ ليٽندي الله جو ذڪر ڪن ٿا ۽ زمين ۽ آسمان جي پيدائش تي غور و فڪر ڪن ٿا ته بي اختيار ٿي چون ٿا ته اي رب! ھي سڀ ڪجھ تو بنا مقصد جي نه بڻايو آهي.
سورت جي آخر ۾ الله سائين چئي ٿو ته اي ايمان وارو صبر ڪيو، ثابت قدم رھو ۽ ھڪ ٻئي سان ڳنڍيل رھو ۽ تقوىٰ اختيار ڪيو ته توهان کي ڪاميابي ملندي.
سوره النساء:
سوره النساء مدني سورت آهي ۽ ھن ۾ 176 آيتون آهن.
هن سورت جي شروعات ۾ ئي الله سائين سموري نسل انساني کي ھڪ جان يعني آدم عليه السلام مان پيدا ڪرڻ جي خبر ڏيڻ کانپوءِ فرمائي ٿو ته ان الله کان ڊڄو ۽ پاڻ ۾ صلہ رحمي ڪيو. نسل انساني جو بنياد ٻڌائڻ کان پوءِ صلہ رحمي جي تلقين جو مطلب ٿيو ته انسانن سان تعلق رکڻ مھل رنگ، نسل، مذهب قوم، علائقي ۽ فرقي جي تفريق نه ڪجي.
ستت ئي ٻي آيت ۾ الله سائين يتيمن جي پارت ڪئي آهي ته سندن مال نه کائو ۽ نه ئي پنهنجو مال سندن مال سان ملايو. آيت نمبر 10 ۾ آهي ته يتيمن جو مال ناحق کائيندڙ درحقيقت پنهنجي پيٽ ۾ باھ ڀرين ٿا. آيت نمبر 3 ۾ چئن شادين جو ذڪر به يتيمن جي حقن جي ڏس ۾ آيل آهي.
وراثت جا احڪام تفصيل سان بيان ڪيا ويا آهن، ان لاءِ ھڪ پورو رڪوع مختص ڪيو ويو آهي.
توبہ جو اصول بيان ڪيو ويو آهي ته نادانيءَ ۾ گناھ ٿي وڃي ته فورن الله ڏي رجوع ڪجي ۽ کانئس معافي جو طلبگار ٿجي، باقي ھڪڙو ماڻهو گناھ ڪندو رھي تان جو اجل جو فرشتو اچي مٿان بيهيس ۽ پوءِ چوي ته ھاڻي مان توبہ ڪئي ته ان وقت توبہ قبول نه پوندي.
عورتن جا حقوق بيان ڪيا ويا آهن ته سندن مھر کين ادا ڪيو، مال ڦٻائڻ خاطر زوري سندن وارث نه ٿي ويھوء نه ئي کين پاڻ وٽ زوري روڪي رکو، طلاق جي صورت ۾ کين ڏنل مھر واپس نه وٺو، ساڻن سھڻو سلوڪ ڪيو، توهان کي انهن جي ڪا ڳالھ پسند نه آهي ته اهو ضرور سمجھڻ گهرجي ته ممڪن آهي ته توهان کي ڪا شيء نه وڻندي ھجي پر الله ان ۾ گھڻيون ڀلائيون رکيون ھجن. Eاڳتي محرم رشتن جو ذڪر آهي.
