دينيات

خلاصہ قرآن-پنجون سيپارو- والمحصنات

پنجون سيپارو سوره نساء جي 124  آيتن تي مشتمل آهي.

سيپاري جي شروعات پٺئين سيپاري جي آخر ۾ بيان ٿيندڙ محرم رشتن جي بيان جو تسلسل آهي جنھن ۾ مائرون، ڌيئرون ڀينرون، پڦيون، ماسيون، ڀائٽيون ۽ ڀاڻيجيون، ٿڃ شريڪ ماء ۽ ڀيڻ، سس، ۽ زال جنهن سان دخول ٿيل ھجي جي اڳ ڄايل ڌيءَ، صلبي پُٽن جون زالون، ٻن ڀينرن سان گڏ پرڻجڻ ۽ اھي عورتون جيڪي اڳواٽ ڪنهن جي نڪاح ۾ ھجن شامل آهن. نڪاح جو مقصد پاڪدامني حاصل ڪرڻ، برائي کان بچڻ ھجڻ کپي ۽ عورتن کي سندن مھر ڏيڻ کپي.

انسان ڪمزور پيدا ڪيو ويو آهي.

ھڪ ٻئي جا مال باطل طريقن سان نه کائو، البت باھمي رضامندي سان واپار ڪيو ۽ منافعو ٿئي ته اھو جائز آهي.

ڪبيره گناھن کان بچو.

زال ۽ مڙس ۾ ناچاقي پيدا ٿي پئي ته انهن ۾ ٺاﻫ/صلح جي ڪوشش ڪجي.

الله جي عبادت ڪيو، ساڻس ڪنهن کي شريڪ نه ڪيو، والدين، مائٽن، يتيمن، مسڪينن، مائٽ پاڙيسرين ۽ غير مائٽ پاڙيسرين، ڀروارن، مسافرن ۽ ٻانهن سان سھڻو سلوڪ ڪيو.

آيت نمبر 41  جنهن ۾ آهي ته “پوءِ اهو معاملو ڪيئن ھوندو جڏهن اسان ھر امت مٿان ھڪ گواه بيھارينداسين ۽ توکي ھن امت مٿان گواه آڻينداسين” . نبي سائين جن اھا آيت ٻڌي روئي پوندا ھئا.

الله سائين شرڪ معاف نه ڪندو.

آيت نمبر 56 “جن اسان جي آيتن کي نه مڃيو تن کي سگھو باہ ۾ گھيرينداسون، جڏھن بہ سندن کلون ڀُڄنديون (تڏھن) سندن ٻيون کلون ھن لاءِ پيا مٽائينداسون ته ڀلي عذاب (جو مزو) چکن”. ھيء آيت هڪ سائنسي حقيقت طرف اشارو ڪري پئي ته کل ۾ سور محسوس ڪرائيندڙ خليا (pain receptors) ھوندا آھن، اھا ويجھڙ دور جي دريافت آهي، اڳ ۾ اهو سمجهيو ويندو هو ته ھر قسم جي محسوسات جو مرڪز صرف دماغ ئي آهي پر قرآن 14 سو سال پهريان اھا ڳالھ ٻڌائي ڇڏي ته کل ۾ اھا صلاحيت آهي. ھن آيت کي ٻڌي ٿائلينڊ جو پروفيسر ٿئگاڊا ٽگاڊا شوان ( Thagada Tagada Shuan) جيڪو ايناٽامي (Anatomy) جو ماھر آهي مسلمان ٿيو ائين چئي ته اھو ڪيئن ممڪن آهي ته جيڪا حقيقت اسان ھاڻي دريافت ڪئي ھجي، محمد جيڪو اڻ پڙهيل هو، ان جي باري ۾ 14 سو سال اڳ ٻڌائي? يقينن سندس پٺيان ڪا خدائي ذات ھئي.

امانتون حقدارن جي حوالي ڪرڻ ۽ ماڻهن جي درميان انصاف سان فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

الله، سندس رسول ۽ اختيار وارن جي اطاعت جو حڪم ڏنو ويو آهي، ڪنهن تنازعي جي صورت ۾ الله ۽ رسول ڏانهن رجوع ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. رسول جي فيصلن کي دل سان تسليم ڪرڻ ۽ سندس ڪيل فيصلن کي دل ۾ نه ڪرڻ کي ايمان جي نشاني چيو ويو آهي.

آيت نمبر 71  کان 81  تائين قتال في سبيل الله جي مختلف پاسن تي روشني وڌي وئي آهي.

آيت82 قرآن مجيد تي غور و فڪر جي دعوت ڏئي ٿي. آيت نمبر83  ھڪ اھم مسئلي طرف متوجه ڪري ٿي ته ڪجھ ماڻهو جڏهن ڪا ڳالھ ٻڌندا آهن ته ان کي اڳتي وڌائي ڇڏيندا آهن حالانڪ پھريائين ڪنهن صاحب اختيار سان اھا ڳالھ ذڪر ڪجي ته بهتر رهندو.

ڪو ڪنهن سٺي ڪم لاءِ سفارش ڪندو ته ان جو اجر کيس ملندو ۽ بري ڪم جي سفارش ڪندو ته به ان جي وبال ۾ شريڪ ھوندو.

Eجڏهن توهان کي ڪير سلام ڪري ته جيڪڏهن بھتر نه ته گهٽ ۾ گهٽ ساڳي انداز ۾ سلام جو جواب ڏيو.

قتل خطا جا احڪام بيان ڪيا ويا آهن جڏهن ته قتل عمد وري جھنم جي دردناڪ عذاب ۽ الله جي غضب جو سبب بڻجي ٿو.

سفر ۾ قصر نماز جي اجازت ڏني وئي آهي ۽ حالت جنگ ۾ نماز پڙهڻ جو طريقو ٻڌايو ويو آهي.

عورتن ۽ يتيمن لاءِ ٻيھر تاڪيد ڪيو ويو آهي ته ساڻن انصاف سان پيش اچو. عورتن (زالن) جي درميان انصاف ڪيو ۽ ائين نه ڪيو جو ڪنهن ھڪ ڏانهن گهڻا مائل ھجو ۽ ٻيءَ کي لٽڪيل ڇڏيو.

انصاف لاءِ اٿي کڙا ٿيو ۽ الله ڪارڻ شاھدي ڏيو پوءِ ڀلي اها توهان جي پنهنجي خلاف پئي يا توهان جي والدين يا مائٽن جي خلاف، جنهن جي حق ۾ يا خلاف گواھي ڏيو ڀلي اھو امير ھجي يا غريب ته به الله کي مقدم رکو.

آيت 138  کان سيپاري جي اختتام تائين منافقن جي طرز عمل ۽ انهن لاءِ سخت وعيد جو ذڪر آهي ته ڏيکاء واري نماز پڙهي پنهنجي پر ۾ سمجهندا آهن ته اھي الله سان چالاڪي ٿا ڪن حالانڪه الله کين مھلت ڏئي ساڻن چالاڪي ڪري ٿو ۽ قيامت جي ڏينهن اھي جھنم جي سڀ کان ھيٺين حصي ۾ ھوندا سواء جو توبہ ڪري پنهنجي اصلاح ڪن ۽ اخلاص سان الله سان ڳنڍجي وڃن ته پوءِ سندن شمار مؤمنن ۾ ٿيندو ۽ وڏي اجر جا مستحق ليکبا.

ملندڙ جلندڙ مضمون

Back to top button