خلاصہ قرآن-ڇھون سيپارو-لا يحب الله
ڇھون سيپارو سوره نساء جي بقايا 29 ۽ سوره مائدہ جي 82 آيتن تي مشتمل آهي.
سيپارن جا نالا انهن جي پھرين لفظن مان کنيا ويا آهن جڏهن ته سورتن جي نالن جو معاملو ٿورو مختلف آهي ۽ تفصيل طلب آهي ان ڪري ان کي ۽ ڪجھ ٻين موضوعن کي الڳ سان مضمونن جي شڪل ۾ بيان ڪبو. انشاء الله تعالى.
ھن سيپاري جي شروعات ۾ ڪفر ڪندڙ ۽ ايمان وارن جي روين جو بيان آهي ته ڪافر رسولن جي درميان تفريق ڪندا آهن ڪن تي ايمان آڻيندا آهن ته ڪن تي نه، جڏهن ته مؤمن الله جي رسولن جي درميان تفريق نه ڪندا آهن. ڪافرن لاءِ رسوا ڪندڙ عذاب جڏهن ته مؤمنن لاءِ اجر جو اعلان آهي.
ان کان پوءِ اھل ڪتاب خاص ڪري يھودين جي ڏنگاين جو ذڪر آهي ته موسىٰ عليه السلام کي چيائون ته اسان کي الله سامھون ڏيکار ته مڃيونس. گابي جي پوڄا ڪرڻ لڳا، الله سان ڪيل وعدن کي کلي عام ٽوڙيائون، ڇنڇر جي ڏينهن تي مڇيء جي شڪار تي پابندي لڳن ته ان جو جڳاڙ ڳولھي لڌائون، نبين تائين کي قتل ڪيائون، مريم عليھا السلام تي بھتان ھنيائون، فخر سان چوندا ھئا ته اسان عيسيٰ عليه السلام کي قتل ڪيو آهي حالانڪ الله پاڪ کيس مٿي کڻي ڇڏيو هو، ظلم ڪندا هئا، ماڻهن کي الله جي رستي کان روڪيندا ھئا، وياج وٺندا هئا ۽ ناحق ماڻهن جو مال ڦٻائيندا ھئا. سندن اھڙن ڪڌن حرڪتن تي کين دنيا ۽ آخرت ۾ سخت وعيد ٻڌائي وئي آهي. پھرين سيپاري ۾ ٻڌائي آيا آهيون ته پٺين امتن جي برن عملن ۽ انهن تي مليل سزا جو ذڪر الله سائين ان لاءِ ڪري ٿو ته اسان انهن برن ڪمن ۽ انهن جي برن نتيجن کان بچون.
نبي سائين جن کي تسلي ڏني وئي آهي ته توهان پھريان نه آهيو جنهن تي نبوت جو بار رکيو ويو آهي بلڪ توهان کان اڳ ڪئي رسول گذريا جن مان ڪن جي توهان کي خبر ڏني ۽ ڪن جي نه.
عيسائين جي عقيده تثليث جي سختيء سان ترديد ڪئي وئي آهي ته عيسيٰ عليه السلام الله جو پٽ نه پر سندس ٻانهو ھئو ۽ پاڻ کي الله جو ٻانھو سڏرائڻ ۾ عار محسوس نه ڪندو هو.
سورت جي آخر ۾ وراثت جا حڪم بيان ڪيا ويا آهن.
سوره المائدہ:
سوره مائدہ مدني سورت آهي ۽ 120 آيتن تي مشتمل آهي.
سورت جي شروعات ۾ ئي وعدن کي پاڙڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ اهو به چيو ويو آهي ته ڪنهن قوم سان دشمني توھان کي زيادتي ڪرڻ تي نه اڀاري، ھن ئي سورت ۾ اڳتي آيل آهي ته ڪنهن قوم سان دشمني توهان کي انصاف ڪرڻ کان نه روڪي.
کائڻ پيئڻ جي حرام شين جو ذڪر آهي جيئن مردار جانور، رت، سور جو گوشت، غير الله جي نالي تي ذبح ٿيل جانور، ساہ ٻوساٽجڻ، ڌڪ لڳڻ، مٿانھين کان ڪرڻ، سڱ سان ٽڪر لڳڻ يا ڪنهن جھنگلي جانور جي چير ڦاڙ جي ڪري مري ويل جانور. پر جيڪڏهن بک وگهي جان کي خطرو ھجي ۽ ٻيو ڪجھ ميسر نه ھجي ته بقدر ضرورت مٿيون شيون واپرائي سگهجن ٿيون. ان مان انساني جان جي عظمت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
شڪار ڪيل جانورن جي ڪجھ مسئلن ۽ اھل ڪتاب جي ذبيحي جي حلال ھجڻ جو ذڪر آهي.
وضو جا ارڪان ٻڌايا ويا آهن ۽ پاڻي نه ملڻ جي صورت ۾ پاڪ مٽيءَ سان تيمم جي اجازت ڏني وئي آهي.
يھودين ۽ عيسائين چيو ته اسان الله جا پٽ ۽ سندس محبوب آھيون ته اي نبي کانئن پڇ ته پوءِ توهان کي عذاب ڇو ٿو ڏئي؟ ائين ھرگز نه آهي بلڪ توهان به ٻين وانگر سندس خلقيل انسان آھيو.
موسىٰ عليه السلام بني اسرائيل کي فرعون جي چنبي مان ڇڏرائي مصر ڇڏي درياء نيل پار ڪري اچي وادي سينا ۾ قيام ڪيو، اتي بني اسرائيل کي حڪم ٿيو ته ارض فلسطين ۾ داخل ٿي وڃو ته موسى کي جواب ڏنائون ته اتي جابر قسم جا ماڻهو رهن ٿا، جيستائين اھي اتي ھوندا اسان داخل نه ٿينداسون، تون ۽ تنهنجو رب وڃو ۽ انهن سان وڙهو باقي اسان ھتي ويٺا آهيون. ان تي الله سائين کين وعيد ٻڌائي ته ھاڻي 40 سال توهان اتي ئي ڀٽڪندا رھندؤ، الله ۽ رسول جو حڪم نه مڃڻ جو اھو ئي نتيجو نڪرندو آهي.
آدم عليه السلام جي ٻن پٽن جو ذڪر آهي ته ڪيئن ھڪڙي ٻئي کي قتل ڪيو ۽ پوءِ لاش کي ٺڪاڻي لڳائڻ لاءِ پريشان ھو ته ھڪ ڪانو کي ڏٺائين جيڪو ھڪ ٻي مرده ڪانو کي زمين ۾ دفن ڪري رهيو هو جتان کيس پنهنجي ڀاءُ کي دفنائڻ جو خيال آيو ۽ ڏاڍو نادم ٿيو.
ستت ئي اھا مشهور آيت آهي جنهن ۾ الله سائين فرمائي ٿو ته جنهن ھڪ ماڻھوء کي ناحق قتل ڪيو ان ڄڻ سڄي انسانيت جو قتل ڪيو ۽ جنهن ھڪ جان بچائي جهڙوڪ سڄي انسانيت کي بچايائين.
فساد في الأرض ۽ چوري جي سزا ٻڌائي وئي آهي.
الله جي حڪمن جي پيروي ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي ۽ نه ڪندڙن کي ڪافر، ظالم ۽ فاسق سڏيو ويو آهي.
Eالله جي محبوب ٻانهن جون صفتون ٻڌايون ويون آهن ته اھي مؤمنن سان نرمي سان پيش ايندا آهن، الله جي راه ۾ جاکوڙيندڙ، ملامت جي پرواه نه ڪندڙ، نماز قائم ڪندڙ، زڪوات ڏيندڙ ۽ رڪوع ڪندڙ ھوندا آھن.
نبي صلي الله عليه و سلم جن کي تسلي ڏني وئي آهي ته توهان نبوت جو فريضو ادا ڪيو، الله سائين توهان جي حفاظت ڪندو.
ايمان ۽ عمل صالح کي ڪاميابيءَ جو شرط چيو ويو آهي.
عيسائين جي عقيده تثليث جي ٻيھر سختي سان هنن لفظن ۾ ترديد ڪئي وئي آهي ته عيسىٰ عليه السلام ۽ سندس ماءُ مريم عليها السلام ته انسان ھئا، کاڌو کائيندا هئا. بني اسرائيل جي ڪافرن تي داﺆد ۽ عيسىٰ عليه السلام جي واتان لعنت موڪلي وئي ان ڪري جو ھنن نافرماني ڪئي، شريعت جون حدون اورانگھي ويا ۽ ڪير ڪنهن کي برائي کان روڪڻ وارو نه رھيو. مولانا مودودي هن آيت (79) تحت لکي ٿو ته ڪنهن به معاشري ۾ بگاڙ جي شروعات چند برن ماڻهن سان ٿيندي آهي پر جيڪڏهن انهن چند کي روڪڻ وارو ڪير نه ھجي ته پوءِ برائي سڄي معاشري کي وڪوڙي ويندي آهي.
