سماجيات

پهرئين انٽرويو جي تياري – هڪ انجنيئر لاءِ رهنمائي

ڊاڪٽر گوردن داس ولاسائي

 جي دور ۾ انجنيئرنگ جي شاگردن لاءِ رڳو ڊگري حاصل ڪرڻ ڪافي ناهي، بلڪہ عملي زندگي ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ذاتي صلاحيتن، گفتگو جي مهارت، ۽ ميل جول جي انداز کي بہ نکارڻ ضروري آهي. خاص طور تي، جڏهن ڪو شاگرد پنهنجي تعليم مڪمل ڪري پهريون انٽرويو ڏئي ٿو، تہ اهو سندس مستقبل جي ڪاميابيءَ لاءِ هڪ اهم ڏاڪو هوندو آھي. هيءَ مضمون انهن انجنيئرنگ جي شاگردن لاءِ لکيل آهي، جيڪي نوڪريءَ لاءِ تياري ڪري رهيا آهن، ۽ جيڪي چاهين ٿا تہ انٽرويو ۾ بهتر تاثر ڇڏي سگهن.

انٽرويو ڇا آهي؟

انٽرويو هڪ رسمي ملاقات آهي، جتي ادارو يا ڪمپني اميدوار سان ملاقات ڪري سندس علم، صلاحيت، رويو، ۽ ثقافتي مطابقت کي پرکي ٿي. انٽرويو ۾ اميدوار نہ فقط سوالن جا جواب ڏئي ٿو، پر پاڻ کي هڪ مثبت ۽ تيار شخص جي حيثيت سان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.

انٽرويو جي اهميت

انٽرويو ڪنهن بہ نوڪري جي چونڊ عمل ۾ هڪ اهم مرحلو آهي. اهو نہ رڳو توهان جي علمي قابليت کي پرکڻ لاءِ هوندو آهي، پر ان مان توهان جي گفتگو، اعتماد، رويو، ميل جول ۽ مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت جو بہ جائزو ورتو ويندو آهي. خاص طور تي انجنيئرنگ جي ميدان ۾، جتي فني ڄاڻ سان گڏ ٽيم ورڪ ۽ پريشر ۾ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ضروري آهي، اتي انٽرويو اميدوار جي مڪمل شخصيت کي پرکڻ جو ذريعو هوندو آهي.

لباس جو اهم ڪردار

انٽرويو جي ڪاميابي ۾ لباس، (body language)، ۽ مجموعي رويو اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هميشہ ياد رکو تہ پهريون تاثر ئي آخري تاثر بڻجي سگهي ٿو. هڪ صاف سٿرو، پروفيشنل لباس پائڻ، وار ٺيڪ رکڻ، سادي خوشبو لڳائڻ، ۽ پاڻ کي نرم مزاجي سان پيش ڪرڻ ضروري آهي. انجنيئرنگ جي شاگردن لاءِ خاص طور تي مناسب لباس پائڻ ضروري آهي جيئن تہ اڪثر ڪمپنيون پروفيشنل ماحول کي ترجيح ڏين ٿيون.

باڊي لينگئيج

توهان جي جسم جي حرڪتن مان بہ انٽرويو وٺندڙ توهان جي خود اعتمادي، سنجيدگي، ۽ دلچسپي کي سمجهي سگهن ٿا. مثال طور:

هڪ مضبوط پر مناسب ريت هٿ ملائڻ (firm handshake) 

نظر ملائڻ (eye contact)

مرڪي ڳالهائڻ

کلندڙ چهرو

سڌي پر آرامدہ ويهڪ

ٻئي طرف، ڪجهه حرڪتون منفي تاثر ڇڏي سگهن ٿيون، جهڙوڪ هٿ ٻانهن تي رکڻ، مسلسل ڪرسي تي لوڏڻ، يا نظرون هيٺ ڪرڻ. انٽرويو کان اڳ آئيني آڏو مشق ڪرڻ يا دوستن سان mock interviews رکڻ ھڪ بھترين طريقو آهي.

عام سوالن لاءِ تياري

هر انٽرويو ۾ ڪجهه عام سوال پڇيا ويندا آهن. انهن سوالن جا تيار جواب هجڻ گهرجن، جيئن تہ:

پنهنجي باري ۾ ٻڌايو؟

توهان کي هي ڪمپني ڇو پسند آئي؟

توهان جو سڀ کان وڏي ڪمزوري ۽ سگهہ ڇا آهي؟

پنهنجي فائنل ايئر پروجيڪٽ بابت تفصيل سان ٻڌايو.

اڳتي هلي پاڻ کي پنجن سالن ۾ پنھنجو پاڻ ڪي ڪٿي ٿا ڏسو؟

انهن سوالن لاءِ مختصر، پر اثرائتا ۽ ايمانداري سان جواب تيار ڪريو. ڪمپني جي پس منظر، مشن ۽ منصوبن بابت ڄاڻ رکڻ بہ توهان جي تياريءَ جو حصو هجڻ گهرجي.

فني سوالن لاءِ تياري

انجنيئرنگ جي شاگردن کي پنهنجي فني ڄاڻ جي مظاهري لاءِ تيار رهڻ گهرجي. مثال طور:

ڪهڙا سافٽويئر ۽ ٽولز توهان استعمال ڪيا آهن؟

ڪنهن پيچيدہ مسئلي کي ڪيئن حل ڪيو، ڪو مثال ڏئي سمجھايو؟

ٽيم ۾ ڪم ڪرڻ جو تجربو ڪيئن رهيو؟

اهڙن سوالن جا جواب خاص مثالن ۽ ذاتي تجربن سان ڏيڻ گهرجن، جيڪي توهان جي فني مهارت ۽ مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت کي ظاهر ڪن.

مشڪل حالتن ۾ اعتماد قائم رکڻ

انٽرويو دوران ڪجهہ سوال خاص طور تي اهڙا هوندا آهن، جيڪي توهان کي پريشان ڪري سگهن ٿا. مثال طور، جيڪڏهن توهان جي GPA گهٽ آهي يا توهان پاس ٿيڻ کان پوءِ ڪجھ عرصو فارغ ويٺا رهيا آهيو. اهڙين حالتن ۾ ايمانداريءَ سان، پر مثبت انداز ۾ جواب ڏيڻ گهرجي. مثال طور: مون کي منهنجي پڙهائي دوران عملي تجربن تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جو موقعو مليو، جنهن ڪري ڪجهه ڪلاسن تي گهٽ ڌيان ڏنو، پر ان سان مون کي فني قابليت ۾ بهتري آئي.

انٽرويو کان پوءِ جو عمل

انٽرويو کان پوءِ، هڪ ننڍو پر شڪريہ ادائگي واري اي ميل موڪلڻ پيشہ ورانہ رويي جو ھڪ سُٺو ثبوت آهي. هن اي ميل ۾ انٽرويو جو تجربو، ملندڙ موقعي لاءِ مھرباني جا ٻہ لفظ، ۽ ڪمپني لاءِ دلچسپي جو اظهار ڪيو وڃي.

نتيجو

انجنيئرنگ جا شاگرد، جيڪي پنهنجو پهريون انٽرويو ڏين پيا، انهن لاءِ تياري رڳو ڪتابي علم تائين محدود نہ هجڻ گهرجي. انٽرويو جي ڪاميابي لاءِ لباس، جسماني زبان، اعتماد، ۽ ڳالهائڻ جي انداز جي مشق تمام اهم آهي. تياريءَ سان، توهان هڪ اهڙو تاثر ڇڏي سگهو ٿا، جيڪو ڪمپني جي نظر ۾ توهان کي نہ صرف قابليت وارو اميدوار، پر هڪ اڳواڻ جي حيثيت سان پيش ڪري سگهي ٿو

ملندڙ جلندڙ مضمون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button