خلاصه قرآن-ٽيون سيپارو- تلڪ الرسل
ٽيون سيپارو سوره بقره جي آخري 34 آيتن ۽ سوره آل عمران جي 91 آيتن تي مشتمل آهي.
سيپاري جي شروعات ۾ الله سائين ٻڌايو آهي ته ھر رسول کي الله سائين ڪا نه ڪا خصوصيت عطا ڪئي جيئن ڪنهن کي ھم ڪلام ٿيڻ جو شرف ڏنائين، جيئن موسى عليه السلام، ساڳي طرح عيسي عليه السلام کي به معجزا عطا ڪيائين. ان کان پوءِ قيامت جي منظر ڪشي ڪئي وئي آهي ته ان ڏينهن تي نه ڪو سودو ٿيندو، نه ڪا دوستي ڪم ايندي ۽ نه ئي وري ڪنهن جي سفارش، ان ڪري جيڪي ڪجھ ڪرڻو آهي ان ڏينهن جي اچڻ کان پهرين ڪري وٺو. ان کان پوءِ مشهور آيت، آيت الڪرسي آهي جنهن ۾ الله جي صفات ۽ بادشاهيءَ جي وسعت جو اظهار آهي. جنهن کان پوءِ الله سائين فرمائي ٿو ته دين جي معاملي ۾ ڪو به جبر نه آهي يعني ڪنهن غير مسلم کي زبردستي مسلمان ڪرڻ جو نه ڪنهن کي حق آهي نه ضرورت. ھي آيت مسلمانن کي اھو ٻڌائي ٿي ته غير مسلمانن سان سندن سلوڪ ڪيئن ھجڻ کپي، ان سلسلي ۾ صرف ھيء آيت نه بلڪ ٻيون به ڪيتريون ئي آيتون آهن جيڪي بقاء باھمي ۽ مذهبي رواداريءَ جو درس ڏين ٿيون. ان کان پوءِ ابراهيم عليه السلام ۽ وقت جي بادشاه (نمرود جنهن خدائي جي دعوىٰ ڪئي) جي وچ ۾ ٿيل مڪالمو ڏنل آهي ته جڏهن ابراهيم عليه السلام کيس چيو ته منهنجو رب زندگي ۽ موت ڏيندو آهي ته بادشاھ يڪدم چيو ته اھو ته مان به ڪندو آهيان (پوءِ ھن ڦاهيءَ جي سزا ٻڌايل ھڪ قيديء کي آزاد ڪري ڇڏيو ۽ ھڪ بي گناھ کي قتل ڪرائي ڇڏيائين)، ابراهيم عليه السلام چيس ته منهنجو رب سج کي اوڀر مان اڀاري ٿو، تون ڀلا اولھ مان اڀاري ڏيکار، جنهن تي ھمراه منجھي پيو ۽ وائڙو ٿي ويو. ھڪڙي ماڻهوءَ کي ھڪ ويران بستي مان گذرندي خيال آيو ته هن بستيء جا ماڻهو ڪيئن ٻيھر جيئرا ٿيندا ته الله کيس موت ڏنو. سو سالن کان پوءِ جيئاري سندس ھڏيون ٿي ويل گڏھ کي سندس سامهون جيئرو ڪري ڏيکاريو، اھو ساڳيو تجربو الله سائين حضرت ابراهيم عليه السلام کي مئل پکين کي جيئرو ڪرڻ جي شڪل ۾ ڪرايو. انهن ٽنهي واقعن مان اهو ثابت ٿيو ته ھن دنيا جو خالق، مالڪ ۽ ھلائيندڙ الله جي ذات آهي ۽ زندگي بعد موت برحق آهي ۽ الله سائين ھر ساھ واري کي مرڻ کان پوءِ جيئارڻ تي قادر آهي. ان کانپوءِ انفاق في سبيل الله جي فضيلت بيان ڪئي وئي آهي ته الله جي راھ ۾ ڏنل ھڪ پائي جو ست سؤ دفعا وڌيڪ ثواب آهي. اھو به چيو ويو آهي ته ڪنهن کي صدقو ڏئي احسان ڄاڻائي کيس تڪليف نه پھچايو، ان سان توهان جو صدقو ضايع ٿي ويندو. اڳين تقريبا ڏھ آيتن ۾ انفاق في سبيل الله جي مختلف پھلوئن تي گفتگو ٿيل آهي. جنهن کانپوءِ وياج جي حرمت بيان ڪئي وئي آهي ۽ وياج کائڻ کي الله سان جنگ جوٽڻ جي برابر قرار ڏنو ويو آهي. ان کان پوءِ آيت الدَين آهي جنهن ۾ اوڌر جي حوالي سان ھدايتون ڏنيون ويون آهن. ھيء قرآن شريف جي سڀ کان وڏي آيت آهي، ان مان خبر پوي ٿي ته اسلام معاشي معاملن ۾ درستگيء تي ڪيڏو زور ڏنو آهي. سورت جو اختتام ھن مشھور دعا سان ٿئي ٿو: اي اسان جا پالڻھار! جيڪڏھن وساريون يا غلطي ڪيون ته اسان کي نه پڪڙ، ۽ اي اسان جا پالڻھار اسان تي اھڙو بار نه رک جھڙو اسان کان اڳين تي رکيو ھيئي، ۽ اي اسان جا پالڻھار (جنھن بار) جي کڻڻ جي اسان کي سگھ نه ھجي اھو اسان تي نه رک، ۽ اسان کي معاف ڪر، ۽ اسان کي بخش، ۽ اسان تي مِھر ڪر، تون اسان جو مالڪ آھين، تنھنڪري اسان کي ڪافر ٽوليءَ تي سوڀ ڏي.
