مولانا عبيد الله سنڌي،جا ٽي فرمانبردار شاگرد (علي احمد نظاماڻي صاحب جي زباني)
وري اهو( رئيس) ڪلاسيڪل ڪيئين آهي.
ان لاءِ اهو عرض ڪندو هلان ته ڪلاسيڪل مان ان ڪري لکيو جو رئيس علي احمد نظاماڻي صاحب نج ٻهراڙيء جو اهڙو ڪلاسيڪل رئيس آهي، جنهن جي اوطاق تي ازل کان ماڻهن جا هجوم رهندا پيا رهيا آهن. سندس راڄ جا ماڻهو علي احمد نظاماڻي صاحب کي پنهنجو (محبوب رئيس) تصور ڪن ٿا. راڄ ڀاڳ ۾ مرڻي پرڻي، ڏک، سک، آئي ويل سڄي راڄ کي نه رڳو سڏ ۾ سڏ ڏيئي پر ٻانهن ٻيلي بڻجي ٿو. پر ها ان جي مالي سهائتا به ڪري ٿو انهن کي تڪليف جي ڌٻڻ مان ڪڍي سڄي زندگي ڇپر ڇانو رهڻ وارو هي رئيس هاء ڪواليفاڊ پرسنلٽي آهي. سندس ئي ناني مولانا شفيع محمد نظاماڻي صاحب جنهن جامع العلوم منصوره کي 300 ايڪڙ زمين ڏني جتي نه رڳو سنڌ جا پر پوري پاڪستان جا شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن جيڪو هاء اسڪول مٽياري ضلعي جي تعلقي سعيد آباد جي ڳوٺ( ڏيپر)۾ واقع آهي. سندس زمينداريء جي اُپت مان اڄ به انهن ماڻهن کي( ورو) آهت ملي ٿو جن کي سندس خاندان ازل کان( ورو) ڏيندو اچي سندس مال متاع جو شوق، راڳ رنگ جو شوق، سگهڙن سان ڪچهري، ميلا، ملاکڙ، سياست وغيره جو شوق، اڄ ڏينهن تائين جاري ۽ ساري رهندو پيو اچي. سندس خاندان سڄو هاء ڪواليفاڊ آهي. هُو سدائين لبرل قسم جو رئيس رهيو آهي بلڪل ائين جيئن چاچا شاهنواز خان جوڻيجو سنڌ جو ڪلاسيڪل وڏيرو هو، جيڪو سندس هم عمر ۽ ويجهو دوست به هو. ان ڪري شاهنواز جوڻيجو ڪلاسيڪل وڏيرو هو ته رئيس علي احمد نظاماڻي صاحب وري ڪلاسيڪل( رئيس) سڏيو وڃي ٿو.هي ٻئي ڄڻا هر هنڌ گهمڻ،تفريح يا مرڻي، پرڻي به گڏ ويندا هئا.
ڪالھ جڏهن ساڻس ڪچهري ٿي ته ڪچهري ۾ ماضيءَ جا ورق اُٿلائيندي پاڻ ٻڌايائين ته مولانا عبيد الله سنڌي جا مولوي مخدوم غلام حيدر( هالا شريف) ، مولانا شفيع محمد نظاماڻي،ڳوٺ (ڪرم خان نظاماڻي) ۽ مولانا عبد الحق رباني( نصرپور) ٽئي شاگرد ھئا. جڏهن مولانا عبيد الله سنڌي پيرجهنڊو ۾ رهندو هو ته سندس لاءِ ڌرتي تنگ ڪئي ويئي ته هُو پير جهنڊو مان نڪري وڃي پر مولانا عبيد الله سنڌي نه پيو وڃي نيٺ پيرجهنڊي جي ان وقت جي پيرسيد ضياالدين شاهه جيڪي پير سائين رشدﷲ شاهه جا صاحب زاده هئا. جن کيس تجويز ڏني ته ڪجهه ٽائيم لاء توهان ھليا وڃو ته جيئن ئي حالتون ٺاپر ۾ اچن ته وري واپس اچي وڃجو. مولانا عبيد الله کيس چيو ته مان ان ڪري به نه ٿو وڃان جو هتي ڪنهن ماڻهوءَ جو مون تي( نو سئو رپيا )قرض آهي( ان وقت ۾ نوسئورپيا الاهي هئا) مان پنهنجي پگهار مان اهو قرض ادا ڪري پوءِ ويندس. ائين بنا قرض ادا ڪرڻ جي مان هتان نه ويندس. ڇاڪاڻ ته اهو اسلام ۾ به جائز ڪونهي. رئيس علي احمد نظاماڻي صاحب ٻڌايو ته اھو مولانا جو اخلاق ۽ واعدي جي سچائي هئي۽ علي احمد نظاماڻي صاحب مولانا جي ڳالھ ڪندي وڏو شوڪارو ڀريندي چيو ته(ڇا ته مولانا جو ويزن ۽ اصول پسندي هئي) .علي احمد نظاماڻي صاحب ٻڌايو ته پوءِ مولوي مخدوم غلام حيدر ۽ مولوي شفيع محمد نظاماڻي صاحب جي گڏيل سهڪار ۽صلاح سان اها رقم مولانا عبيد الله سنڌي تائين پهچائي وئي ۽ پوءِ مولانا اهو قرض ادا ڪري افغانستان کان ٿيندو ڀارت ۾ ديوبند مدرسي وڃي اتان کان ريشمي رومال تحريڪ شروع ڪئي. ڪافي وقت کان پوءِ جڏهن مولانا واپس پيرجهنڊو آيو ته مولانا عبيد الله سنڌي سان سندس ٽئي شاگرد مولانا مخدوم غلام حيدر، مولانا شفيع محمد نظاماڻي، مولانا عبدالحق رباني نصرپور وارو پير جهنڊي ۾ ملڻ ويا. انهن مولانا عبيد الله سنڌي کي چيو ته استاد جي حيثيت ۾ اسان کي اجازت ڏيو ته اسان جدا جدا مدرسا کوليون. مولانا عبيد الله سنڌي جيڪو دنيا جا ڪافي ملڪ گهُمي واپس وريو هو ۽ دنيا جهان جا تعليمي ادارا وزٽ ڪري واپس ٿي چڪو هو، سو تن کي چيائين ته توهان ڪوشش ڪري هاء اسڪول کوليو. جن ۾ ديني تعليم سان گڏوگڏ انگريزي وغيره سکڻ به ضروري آهي. جيڪڏهن توهان کي دنيا سان گڏ هلڻو آهي ته سڀني ٻولين سان گڏجي انگريزي به سکو ته توهان پنهنجو موقف صحيح طريقي سان دنيا جي اڳيان پيش ڪري سگهو ٿا ۽ ٻڌي به سگهو ٿا. رئيس علي احمد نظاماڻي صاحب چوي ٿو ته ان کان پوءِ مولانا مخدوم غلام حيدر هالا ۾، هاء اسڪول جو بنياد رکيو ته مولانا شفيع محمد نظاماڻي منصوره ڏيپر تعلقي نيو سعيد آباد ۾ هاء اسڪول جو بنياد رکيو ۽ مولانا عبدالحق رباني وري ميرپور خاص ۾ دارالعلوم قاسمِيا هاء اسڪول ميرپور خاص ۾( علامه قاسم نانوتوي ديوبند مدرسي جو باني) جي نالي تي هن اداري کي ميرپورخاص ۾ وجود ۾ آڻي ان دور جي ماڻهن کي پڙهڻ لاءِ اڪسائڻ تي مجبور ڪيو ۽ اڄ ڏينهن تائين اهي ادارا علم جي اڃ اُجها ئي رهيا آهن.
رئيس علي احمد نظاماڻي صاحب اڄ به پنهنجا ويڙها وسايو ميلا مچايو ويٺو آهي. سنڌ جي ڪلاسيڪل رئيس علي احمد نظاماڻي صاحب چوي ٿو ته مون وٽ سنڌ جو ڪلاسيڪل وڏيرو شاهنواز خان جوڻيجو، رئيس غلام علي ٽالپر، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، چاچا حفيظ قريشي، جي ايم سيد، رسول بخش پليجو، رسول بخش ٽالپر ۽مولانا خير محمد ڪاڪا صلواتي( راقم جو والد) وغيره اچي چڪا آهن. پر سنڌ جو هر خانداني وڏيرو اسان وٽ ايندو رهيو آهي جڏهن ته مخدوم خاندان سان منهنجا تعلقات جُڳن کان رهندا رهيا آهن ئ رھندا پيا اچن .
مون رئيس علي احمد نظاماڻي صاحب جي ڪچهري مان اهو به معلوم ڪيو ته سنڌ سان محبت سندس سيني ۾ صدين کان شاد آباد رهندي پئي اچي ، اڄ به سندس ڪوشش اها آهي ته سنڌ علم ۽ٽيڪنالوجي ۾ دنيا جي قطار ۾برابريء جي بنياد تي بيٺل هجي ته جيئن اسان سنڌين جو ڳاٽ اُوچو هجي .(خدا حافظ)
ڳالهيون ته آهن گهڻيون، ڳالھيون ڪهڙيون لکان،
هڪ قلم، هڪڙو مان ڪيئن پورو پوان.

